وفاق پنهنجي ڪوتاهين جي ذميواري سنڌ تي وجهي ٿو، شاهه

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته وفاقي حڪومت پنهنجي سڀني ناڪامين ۽ ڪوتاهين جي ذميواري سنڌ  حڪومت تي وجهي ٿي، اهو افسوسناڪ رويو آهي. ان سان مسئلا حل نه ٿيندا هو پنهنجي ڪارڪردگي ٺيڪ ڪن. هن وڌيڪ چيو بجلي هجي يا گيس سڀني معاملن ۾ الزام سنڌ تي ڏنو وڃي ٿو. هن چيو ته ڪراچي ۾ سيوريج ۽ گندڪچري جو وڏو مسئلو آهي، اهو مسئلو جلد حل ڪنداسين: وڏي وزير مراد علي شاهه چيو آهي ته ڪياماڙي کي ماڊل ضلعو بڻايو ويندو ۽ مقامي ماڻهن لاءِ روزگار جا نوان موقعا پيدا ڪيا ويندا، سموري سنڌ جا به مسئلا گڏجي حل ڪيا ويندا، منهوڙو روڊ جي افتتاحي تقريب کي خطاب دوران وڏي وزير چيو ته ڪياماڙي ۾ پهريون ايوينٽ ٿيڻ تي خوشي ٿي رهي آهي، ڪراچي جي ترقي ۽ بهتري لاءِ پاڪ نيوي غيرمعمولي ڪردار ادا ڪيو آهي، عوام جي تڪليفن کان واقف آهيان.

پهنجو تبصرو موڪليو