وفاقي ڪابينه پاران فلسطين لاءِ امدادي سامان موڪلڻ جي منظوري

اسلام آباد (رپورٽ الله وسايو گهوٽو) وفاقي ڪابينه فلسطين جي لاءِ امدادي سامان موڪلڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي. وزيراعظم عمران خان جي صدارت هيٺ وفاقي ڪابينه جو اجلاس ٿيو جنهن ۾ ڪابينه فلسطين جي لاءِ امدادي سامان  موڪلڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي.اجلاس ۾ وزيراعظم جي سعودي عرب واري دوري تي به ڳالهيون ڪيون ويون ۽ فلسطين جي موجوده صورتحال تي به ڳالهيون ڪيون ويون. ان کان علاوه وفاقي ڪابينه اقتصادي رابطه ڪميٽي(اي سي سي) اجلاس جي فيصلن جي توثيق ڪري ڇڏي.اي سي سي آءِ پي پيز کي 40 سيڪڙو واجبات ادا ڪرڻ جي منظوري ڏني هئي. وفاقي ڪابينه ڪرتارپور راهداري منصوبي کي پيپرا رولز  مان ڇوٽ ڏيڻ جي اصولي منظوري ڏئي ڇڏي. جڏهن ته ٽيڪنيڪي معاملن کي ڏسڻ جي لاءِ معاملو پيپرا ڏانهن اماڻي ڇڏيو.ڪابينه گڏيل قومن جي چئن گاڏين کي پاڪستان جي رستي ڪابل کڻي کڻي وڃڻ جي به منظوري ڏني. وفاقي ڪابينه جي اجلاس ۾ پاڪ چين سفارتي لاڳاپن جا 70 سال مڪمل ٿيڻ تي يادگاري سڪو جاري ڪرڻ جي به منظوري ڏني وئي. 

پهنجو تبصرو موڪليو