وساڻ جو پير صدرالدين شاهه کي خيرپور مان چونڊون وڙهڻ جو چيلينج

ڪراچي: (اسٽاف رپورٽر) پاڪستان پيپلز پارٽي جي اڳواڻ منظور وساڻ فنڪشنل ليگ جي پير صدرالدين شاهه راشدي کي خيرپور مان چونڊون وڙهڻ جو چيلينج ڏئي ڇڏيو آهي.سنڌ اسيمبلي ٻاهران صحافين سان ڳالهيون ڪندي منظور وساڻ چيو ته جي ڊي اي جو احتجاج بنا ڪنهن مطلب جي آهي. پاڻ ڌانڌلي به ڪن ٿا ۽ پوءِ احتجاج به ڪندا آهن. هن چيو ته مان پير صدرالدين شاهه راشدي کي چيلينج ڪريان ٿو ته اهو خيرپور جي ڪنهن به تڪ تان منهنجي مقابلي ۾ چونڊون وڙهي.هن چيو ته هن وقت ملڪ جون حالتون صحيح نه آهن. پي ٽي آءِ پنهنجي پيرن تي پاڻ ڪهاڙي هنئي آهي. عمران خان جو ڪوبه مستقبل نه آهي، صرف اونداهي ئي اونداهي آهي.منظور وساڻ چيو ته پيپلز پارٽي کان سواءِ ڪابه پارٽي مرڪز ۾ حڪومت نٿي ٺاهي سگهي.، ايم ڪيو ايم هرون ڀرون ڪاوڙ ڏيکاري رهي آهي اها هن وقت به اسان سان گڏ آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو