وزيراعظم نيويارڪ ۾: اميدون ۽ امڪان؛ نصرت جاويد

سومر 23 سيپٽيمبر 2019 کان جيڪو هفتو شروع ٿي رهيو آهي، منهنجي عاجزانه راءِ ۾ پاڪستان لاءِ ئي نه پر پوري ڏکڻ ايشيا لاءِ حيران ڪندڙ تبديلين جي سفر جي شروعات وارو هفتو ٿي سگهي ٿو. رب ڪريم کان ”ست ئي خير“ ٿيڻ جي اميد رکندي ناقابل برداشت زلزلن لاءِ به ليڪن ذهني طور تي تيار رهڻو پوندو. ذهن ۾ اها ڳالهه به رکو ته منهنجي ۽ توهان جي مقدر لاءِ امڪاني طور تي خوشگوار يا ناخوشگوار فيصلاسازيءَ جو مرڪز هن هفتي آمريڪا جو شهر نيويارڪ هوندو. اتي گڏيل قومن جي جنرل اسيمبليءَ جو اجلاس شروع ٿيڻ وارو آهي. اهو اجلاس مگر هڪ بهانو آهي. رياستن توڙي حڪومتن جي سربراهن کي هڪٻئي سان ملاقاتن جو موقعو فراهم ڪندو آهي. انهن ملاقاتن جا نتيجا ڊگھي مدي واري اهميت جوڳا هوندا آهن.

انٽرنيٽ، پر اسان کي گهرين ڳالهين تي غور ڪرڻ جي صلاحيت کان محروم ڪري ڇڏيو آهي. فيس بوڪ ۽ توئٽر انساني جبلتن ۾ موجود عصي ۽ تعصبن جي تڪڙي اظهار جا ذريعا فراهم ڪري ڇڏيا آهن. مزاج آهر پنهنجي ترجيحن جو پرجوش اظهار انسانن کي هڪٻئي جي جان جو ويري ڪندي قبائي نوعيت جي هجومن ۾ ورهائي رهيو آهي. پاڪستان جو وزيراعظم سعودي عرب کان نيويارڪ پهتو آهي. سوشل ميڊيا تي توجهه جي لائق ڳالهه مگر اها رهي ته کيس سعودي شهزادي محمد بن سلمان سفر لاءِ پنهنجو ذاتي جهاز مهيا ڪيو. عمران خان کان نفرت ڪرڻ وارن پنهنجو سمورو ڌيان انهيءَ امر کي اجاگر ڪرڻ تي خرچ ڪري ڇڏيو ته اسانجي وزيراعظم جي استقبال لاءِ آمريڪي حڪومت جو هڪ به نمائندو ايئرپورٽ تي موجود نه هيو. انهيءَ رخ تي اصرار ڪندي عمران خان صاحب جي ”اوقات“ ياد ڏيارڻ جي ڪوشش ٿي. اها حقيقت انڌي نفرت ۾ فراموش ڪئي وئي ته وزيراعظم ”آمريڪي دوري“ لاءِ نه پر گڏيل قومن جي جنرل اسيمبليءَ جي اجلاس ۾ شرڪت لاءِ نيويارڪ پهتو آهي.

تحريڪ انصاف جا متوالا ان جي مقابلي ۾ وزيراعظم جي سادگي ۽ حڪومتي خرچ هر صورت ۾ بچائڻ واري روئي جي ساراهه ڪرڻ ۾ مصروف رهيا. اسانکي ياد ڏياريو ويو ته ”تاريخ ۾ پهريون ڀيرو“ پاڪستان جو ڪوئي وزيراعظم نيويارڪ جي ”رُوز ويلٽ هوٽل“ ۾ رهندو. جيڪو ”Five Star“ نه پر هڪ عام هوٽل آهي. روزويلٽ مگر عام هوٽل ناهي. نيويارڪ جي مرڪز ۾ واقع آهي. گڏيل قومن جي عمارت ان کان صرف ڏهن منٽن جي فاصلي تي آهي ۽ اتان پيدل پهچڻ ۾ گھڻي آساني ٿي پوندي آهي. گڏيل قومن جي اسيمبلي اجلاس کي رپورٽر جي حيثيت ۾ ڏسڻ لاءِ پهريون ڀيرو 1987 ۾ ويو هئم. محمد خان جوڻيجو انهن ڏينهن ۾ اسانجو وزيراعظم هيو. انهيءَ هوٽل ۾ رهيو هو. ان بعد 1994 ۾ نوازشريف به ساڳي هوٽل ۾ قيام ڪيو. نائين اليون کانپوءِ آيل نومبر ۾ جنرل پرويز مشرف جڏهن جنرل اسيمبليءَ جي اجلاس ۾ شرڪت لاءِ نيويارڪ پهتو ته هو به انهيءَ هوٽل ۾ ئي تسيو هو.

اهو هوٽل پي آءِ اي جي ملڪيت آهي. سعودي ۽ ٻين عرب سرمائيدارن انهيءَ هوٽل جا شيئر خريد ڪري رکيا آهن. پي آءِ اي ۽ حڪومت پاڪستان کي اتي رعايتي اگهه ملي ويندا آهن. انهيءَ هوٽل جي آمدنيءَ ۾ سڀ کان گهڻو حصو نيويارڪ جا يهودي وجهندا آهن. انهن جا پراڻا خاندان پنهنجي ٻارن جون شاديون انهيءَ هوٽل ۾ منعقد ڪرڻ کي روايتي اعتبار کان اوليت ڏيندا آهن. انهن جي رواج مان ڪاروباري فائدو حاصل ڪرڻ ”روزويلٽ“ هوٽل لاءِ گهڻو ضروري آهي. هيڏانهن هوڏانهن جي وڌيڪ ڳالهين ۾ وِچڙڻ بجاءِ مونکي اهم ڳالهين ڏانهن موٽڻو پوندو ديانتداريءَ سان مونکي گهڻو ڏک ٿي رهيو آهي ته حڪومت پاڪستان طرفان انتهائي بيوقوفيءَ سان اهو تاثر ڦهلايو ويو آهي ته وزيراعظم عمران خان جي جنرل اسيمبليءَ ۾ ٿيندڙ تقرير کانپوءِ والاريل ڪشمير جي وسيع ۽ وڏي جيل ۾ 05 آگسٽ 2019 کان قيد 80 لک ڪشميرين جي اذيت جي ازالي جون صورتون نمايان ٿيڻ شروع ٿي وينديون.

جنرل اسيمبليءَ ۾ ڪيترن ئي ڏهاڪن کان دونهان ڌار تقريرون ٿينديون رهنديون آهن. سرد جنگ جي عروج وارن ڏينهن ۾ سوويت يونين جو خروشچيف جنرل اسيمبليءَ جي بينچ تي پنهنجي جوتو لاهي تقرير ڪئي. ياسر عرفات به اتي هڪ تاريخي تقرير ڪئي هئي. فلسطين پر اڄ تائين آزاد ناهي ٿيو. غزه جي والاريل پٽي انساني المين جو تڪليف پهچائيندڙ مگر زنده منظر بڻيل آهي. ڏکڻ آفريقا جي نسل پرستن به جنرل اسيمبليءَ ۾ زوردار تقريرون ڪيون ان باوجود هنن ڏکڻ آفريقا جي حقيقي رهواسين کي پنهنجو غلام بڻائي رکيو. جنرل اسيمبليءَ ۾ ٿيل تقريرن وسيلي شام ملڪ اندرخانه جنگيءَ جي ڪري مارجي ويل پنج لک انسان جو موت رڪجي نه سگهيو. يمن ۾ هر چوٿون ٻار هڪ ٻي خانه جنگيءَ جي ڪري پيدا ٿيل بک جو کاڄ ٿي رهيو آهي.

گڏيل قومن جي جنرل اسيمبليءَ ۾ نريندر مودي ۽ عمران خان وچ ۾ ڪوئي تقريري مقابلو ناهي ٿيڻو جنهن جي پڄاڻيءَ تي ڪشمير جي موضوع تي پيش ٿيندڙ ڪنهن قرارداد تي ووٽ ورتا ويندا. ڪشمير في الحال انهيءَ فورم تي بحث هيٺ ئي ناهي. نريندر موديءَ ته پر فيصلو ئي اهو ڪيو آهي ته هو ان موضوع تي پنهنجي تقرير دوران هڪ لفظ به نه ڳالهائيندو. عمران صاحب لاءِ پنهنجي تقرير ۾ ڪشمير جي تازه ترين حقيقتن جو ذڪر ڪرڻ پر ضروري آهي. هڪ موثر ۽ شاندار تقرير ڪرڻ باوجود هو جنرل اسيمبليءَ جي اجلاس ۾ مظلوم ڪشميرين لاءِ ٺوس اعتبار کان ڪجهه حاصل ڪري نه سگهندو. اسانکي ذهني طور تي انهيءَ حقيقت کي کليل دل سان هضم ڪرڻ لاءِ تيار رهڻ گهرجي.

اسي لک ڪشميرين جي اذيت جي ازالي لاءِ اهم ترين ڪردار اڄوڪن وقتن ۾ آمريڪي صدر ئي ادا ڪري سگهي ٿو. سومر واري ڏهاڙي ان جي پاڪستان جي وزيراعظم سان طئي ٿيل ملاقات جنرل اسيمبليءَ ۾ عمران خان صاحب جي ڪجهه ڏينهن کانپوءِ ٿيڻ واري تقرير جي مقابلي ۾ تمام گهڻي اهميت واري هوندي.

ان ملاقات جي اهميت کي ذهن ۾ رکندي انهيءَ حقيقت کي وارڻ نه گهرجي ته ان ملاقات کان ٺيڪ هڪ ڏينهن پهريان ٽرمپ موديءَ لاءِ هيوسٽن ۾ منعقد ٿيل ”Howdy-Modi“ واري ميڙ کي خطاب ڪري چڪو هوندو. انهيءَ ميڙ ۾ 50 هزار ڀارتي نزاد آمريڪي موجود هوندا. ٽيڪساس ۾ ٽرمپ جي مقبوليت گذريل ڪجهه مهينن دوران گھٽ ٿي رهي آهي. چونڊن واري عمل تي نگاهه رکندڙن جو خيال آهي ته ايندڙ صدارتي چونڊن ۾ ٽرمپ کي اُتان شايد اڪثريت ملي نه سگهي. ٻين ملڪن مان لڏي آيلن ٽيڪساس جو نسلي توازن بدلي ڇڏيو آهي. پنهنجو وطن ڇڏي آمريڪا آيل ڪنهن ڊيموڪريٽ اميدوار کي گڏيل طور تي ووٽ ڏئي سگهن ٿا. Howdy-Modi“ واري تقريب ۾ ٽرمپ ايندڙ صدارتي چونڊن خاطر پنهنجي ڪاميابيءَ کي يقيني بنائڻ واري سوچ سبب به شرڪت ڪئي.

ڀارتي نزاد آمريڪين جي دل کٽڻ سان گڏوگڏ ٽرمپ کي پنهنجي America First واري نعري تي به توجهه ڏيڻي آهي. چين سان ان جي واپاري جنگ جاري آهي. هو انهيءَ سلسلي ۾ اڃان تائين ڪجهه حاصل ڪندي نظر نه پيو اچي. ڀارت کان به هو ان سلسلي ۾ ناراض رهيو ڇو ته هن جي حساب سان آمريڪا کي ڀارت سان ٻه طرفو واپار ڪندي اربين ڊالرن جو خسارو ڀوڳڻو پوي ٿو. مودي سرڪار پاران Howdy-Modi“ ميڙ کان اڳ مگر هڪ ٺاهه تيار ڪيو ويو جيڪو ٽرمپ کي اها ڊاڙ هڻڻ لاءِ مواد مهيا ڪندو ته ڀارت جي بازارن ۾ آمريڪي شين جو وڪرو کلئي عام ٿي سگهندو. آمريڪي شين کان علاوه مودي ٽيڪساس ۾ قائم ڪمپنين کان پنهنجي ملڪ لاءِ تيل ۽ گيس خريد ڪرڻ جي ٺاهن تي به صحيحون ڪندو. ڀارت کان پنهنجي پسند مطابق حدف حاصل ڪرڻ جي خوشيءَ ۾ مبتلا ٽرمپ عمران خان صاحب سان ملاقات ڪندي والاريل ڪشمير جي تازي صورتحال کي بحث هيٺ آڻڻ ۾ شايد اها دلچسپي نه ڏيکاري جنهن جي اميد ڪئي پئي وڃي. عمران خان صاحب جو اصل امتحان اهو آهي ته هو کيس انهن حالتن تي توجهه ڏيارڻ ۾ ڪامياب ٿي وڃي ۽ ملاقات جي پڄاڻيءَ کانپوءَ ٽرمپ کان اهڙا ڪجهه جملا چورائي وجهي جيڪي ٺوس اعتبار کان اهو اشارو ڏيندا هجن ته آمريڪي حڪومت والاريل ڪشمير جي مسئلي کي حل ڪرڻ لاءِ پنهنجو موثر ڪردار ادا ڪرڻ لاءِ تيار آهي.

پاڪستاني وزيراعظم جي آمريڪا ۾ قيام دوران ٿيندڙ ملاقاتن جي ڪري والاريل ڪشمير جي واديءَ کي جيل بڻائي ڀارتي حڪومت پاران قيد ڪيل 80 لک ڪشميرين ۾ اميد جي گنجائش پيدا نه ٿي ته پوءِ اتي مايوسي وڌيڪ سنگين ٿي ويندي. انهيءَ مايوسيءَ جو ڏوراپو پاڪستان کان شروع ٿي ويندو. اسانکي اميد جي لاٽ هر صورت ۾ ٻاري رکڻي آهي. اهو به ممڪن آهي ته ڪنهن خوشگوار خبر جي اميد کان قطعي طور تي محروم ٿيل ڪشميري نوجوان پاڪستان ۽ ڀارتي وزيراعظم جي آميرڪا ۾ موجودگيءَ دوران پنهنجي اذيتن کي ياد ڏيارڻ لاءِ اُٻهرائيءَ ۾ ڪوئي جذباتي قدم کڻي وٺن. ايئن ٿيو ته ڀارت کي ”دهشتگرديءَ“ جي بيانئي کي وڌائي چڙهائي پيش ڪرڻ جو موقعو استعمال ڪرڻ ۾ آساني ٿي پوندي. ان جو الزام يقيني طور تي پاڪستان مٿان لڳائيندي ان کي ”سبق“ سيکارڻ جون ڌمڪيون پڻ ڏنيون وينديون. معاملو گهڻو ڳنڀير ۽ وچڙيل آهي. خدا جي واسطي انهن ڳالهين کي سوشل ميڊيا تي چسڪي وٺڻ ۽ پنهنجي تعصبن جو دفاع ڪرڻ خاطر استعمال نه ڪيو. انگريزي اصطلاح واريون آڱريون cross رکو ۽ رب ڪريم کان خير جي دعا گهرندا رهو.

(نواءِ وقت جي ٿورن سان)

پهنجو تبصرو موڪليو