وزيراعظم سان چائنا انٽرنيشنل ڊولپمينٽ ايجنسي چيئرمين جي ملاقات

شيزن (ويب ڊيسڪ)وزيراعظم شهباز شريف سان چائنا انٽرنيشنل ڊولپمينٽ ڪوآپريشن ايجنسي جي چيئرمين لو زائو هوئي ملاقات ڪئي.چين جي دوري دوران ٿيل ان ملاقات ۾ وزيراعظم اسٽريٽجڪ اعتماد کي وڌيڪ هٿي وٺرائڻ ۽ عملي تعاون تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي.ان موقعي تي لو زائو هوئي چيو ته پاڪ چين دوستي هاڻي سيٽلائيٽ مشن سان خلا ۾ پهچي چڪي آهي.وزيراعظم چيو ته لو شيائو هوئي نه رڳو چين جو سفير هو پر پاڪستان ۾ پاڪستان جو بهترين دوست هو، چين جي ترقي جي ماڊل مان فائدو حاصل ڪرڻ چاهي ٿو.سهباز شريف چيو ته پاڪستان ۾ رهندڙ چيني شهرين جي حفاظت پاڪستان جي حڪومت جي اولين ترجيح آهي، چين ايم ايل ون جي اپ گريڊيشن جي منصوبي ۾ سيڙپڪاري لاءِ تيار آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو