وزيراعظم جي صدارت هيٺ هنگامي اجلاس، آرمي چيف به شريڪ

اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ سيڪيورٽي صورتحال بابت اعليٰ سطحي هنگامي اجلاس، آرمي چيف جنرل عاصم منير سميت سيڪيورٽي ادارن جي سربراهن، وفاقي وزيرن ۽ چئني صوبن جي آءِ جيز جي شرڪت.بشام ۾ آپگهاتي حملي ۾ 5 چيني شهرين جي مارجي وڃڻ واري واقعي بابت بريفنگ، پاڪستان ۾ مختلف پراجيڪٽس تي ڪم ڪندڙ چيني شهرين جي سيڪيورٽي بابت غور ويچار ڪيو ويو.وزيراعظم جي صدارت هيٺ اڄ ڪوٺايل وفاقي ڪابينه جو اجلاس ملتوي ڪيو ويو.

پهنجو تبصرو موڪليو