امر قاسم جسڪاڻي
روز بروز نـ رڳو ھن ملڪ پر دنيا جي ڪافي جڳھين تي جئ جھوريندڙ افسوسناڪ واقعا ٿيندا رھن ٿا, جن تي صرف افسوس ٿئي ٿو ۽ پؤ ڳالھ ئي ختم ٿي وڃي ٿي, پر سڌريل قومن ۾ جڏھن اھڙا واقعا پيش اچن ٿا تـ اھي انھن واقعن جي جڙ تائين پھچي انھن سانحن جو مستقل حل ڳولي ۽ انھن افسوسناڪ واقعن کي جڙ کان ختم ڪرڻ لأ جدوجھد ڪن ٿيون. پر ھن رياست جو عجيب ترز جو نظام آھي جنھن ۾ ھر ڏوھ جو ڏوھاري آزاد ۽ بي پرواھ گھمندو رھي ٿو جنھن کي نـ رياستي قانون کان خوف آھي ۽ نـ ئي مذھبي سزا ۽ خدائي پڪڙ جو خوف آھي. اھڙي حالتن ۾ ھر سوچيندڙ, سمجھندڙ ۽ ويچار ڪندڙ ماڻھو جي ذھن ۾ سوين سوال پيدا ٿئين ٿا تـ آخر ائين ڇو ۽ ڇا لأ ٿئي ٿو؟ اصل حقيقتون ڪھڙيون آھن؟ آخر ھي سماج ڪنھن طرف وڃي رھيو آھي؟ جي نظام ائين ئي ھلندو رھيو تـ اسان جو سماجي تقدس ڇا بچندو؟.
جيڪڏھن جنسي وحشي سوچ جي پيدار وار جو گھرائي سان مطالعو ڪنداسين تـ معلوم ٿيندو تـ اھا ھڪ حوس آھي ۽ حوس ھڪ نفسياتي روڳ آھي جنھن ۾ ماڻھو ڪنھن شئ جي پٺيان وحشي بڻجي لڳي وڃي ٿو ۽ ان شئ کي ڪئين بـ ڪنھن بـ حالت ۾ حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪري ٿو ڀل پؤ ان جا نتيجا ڪيترا بـ ڀيانڪ ڇو نـ نڪرن. نفسيات جي علم مطابق حوس جا کوڙ سارا قسم ٿين ٿا جن ۾ جنسي حوس پڻ آھي. سماج ۾ جنسي حوس کي سڀ کان بدترين حوس سمجھو وڃي ٿو. گذريل ٻن ڏھاڪن کان جنسي حوس جا افسوناڪ واقعا ڏينھون ڏينھن وڌندا رھن ٿا, جن تي رياستي نظام طرفان ڪا بـ روڪٿام نٿي ٿئي پر رھندو انھن ڏوھارين جي پٺ ڀرائي ڪئي ٿي وڃي جنھن جي نتيجي ۾ اھڙا واڪيا روز بروز رونما ٿيندا رھن ٿا.
ھاڻ ڏسڻو اھو آھي تـ جنسي حوس جھڙي نفسياتي مرض لأ ڪو مستقل حل ڪڍيو وڃي ٿو يا نـ !!!! يا وري رياست انھي نفسياتي روڳ کي روڪرائڻ لأ نفسيات جي ماھرن کان ڪئين مدد وٺي ٿي, ھڪ ريسرچ مطابق تـ دنيا جي سڌريل ملڪن جي گھڻي تڻي بجيٽ نفسيات جي ھوندي آھي ۽ اسان وٽ علميو اھو آھي جو بجيٽ جو وڏو حصو دفاع لأ رکيو ويندو آھي ۽ ملڪ جي اندروني ۽ سماجي مسئلن تي ذري برابر بـ ڌيان ناھي ڏنو ويندو.
ھاڻ پاڻ انھن ڳالھين کي ذڪر ھيٺ آڻيون تـ آخر جنسي وحشي سوچ جي پيداوار ڪئين ٿي ٿئي؟ ۽ اھي ڪھڙا فيڪٽر آھن جيڪي ان سوچ کي وڌائن ٿا. ان سوچ جي پيداوار جا ٻـ مکيـ اھم ڪارڻ ٿي سگھن ٿا. ھڪ تـ رياست جو ڪمزور ۽ بي عمل قانون جيڪو نـ ھجڻ برابر آھي رياست جو قانون صرف قانون جي ڪتابن ۽ ڪمزورن تي عمل درآمد ٿيندڙ آھي جنھن جو ھجڻ يا نـ ھجڻ برابر آھي ھن رياست ۾ جي ڪو ڏوھاري پڪڙجي بـ ٿو تـ اھو جلد آزاد ٿي وڃي ٿو مطلب تـ سزا جو نظام حد کان وڌيڪ ڪمزور بي وس آھي. ٻيو ڪارڻ مذھب جي غلت تشريح جنھن ڪري ماڻھن مان ڏوھ جي سزا جو خوف ختم ٿي چڪو آھي. ھڪ ڪڙو سچ اھو بـ آھي تـ جن رياستن ۾ مذھب جي ريپريزنٽيشن ۽ تشريح ئي لٽ, ڦر, داداگيري, وحشت خونريزي, لونڊيون رکڻ يا ٻين ملڪن تي ڪاھ ڪري اتان جون عورتون کڻي وڃي بازارن ۾ وڪڻڻ جي بنيادن تي ٿيل ھوندو انھن رياستن ۾ جنسي وحشي ئي پيدا ٿيندا.
جڏھن عرب محمد بن قاسم, حجاج, ملڪ بن مروان جھڙا حوس پرست جنسي وحشي, مذھبي ھيرو مڃان ويندا تـ عقل جي تقاضا تـ اھا آھي جو ڪو بـ ماڻھو حوس جي نشاني کان بچي نٿو سگھي. ڇو تـ آئيڊيل ۽ مينٽور ئي حوس پرست ھوندا تـ پوئلڳ وري ڪھڙا کير جق ڌوتل بڻبا اھي بـ انھن جي نقش قدم تي ھلندا. اسان وٽ مذھب جي تشريح ان جي اصل روح کان ھٽي ڪري جنگجوئن, لٽيرن ۽ حوسپرست عياشين جي ھٿان ٿي آھي جنھن ڪري ملن ۽ مولين سماج ۾ بگاڙ پيدا ڪيو آھي. اھڙي طرح جھالت ۽ بي شعوري ڪري وحشت ۽ ظلمت جي واقعن ۾ ڏينھون ڏينھن واڌ ايندي رھي ٿي. ھڪ عجيب قسم جي سوچ اھا بـ پيدا ڪئي وڃي ٿي تـ جنت جي بشارت حورون ۽ غلمان آھن ۽ حورن جي خوبصوري ۽ جسماني بيھڪ جا قصا ممبرن تي اھڙي طرح بيان ڪيا وڃن ٿا جو ٻڌندڙ جي دل جنسي عمل لأ تيار ٿي وڃي ٿي ۽ جنسي سوچ جي ذرخيز پيداوار ٿئي ٿي. انکان علاوھ ميرا جسم ميري مرضي وارن بـ سماج ۾ براين کي خوب پروان چڙھايو آھي جڏھن عورت يا مرد پنھنجو دائرو اورانگھيندو تـ لازمي آھي اھڙا واقعا ٿيندا رھندا.
ھر ڳالھ ۾ رياست ۽ شھري ٻئي برابر جا ذميوار ھوندا آھن. شھري کي پنھنجا فرض ادا ڪرڻ گھرجن ۽ رياست پڻ فرض شناس ٿئيڻ گھرجي تـ امن امان برقرار رکي سگھجي ٿو. رياست جڏھن ٽيڪس وصول ڪري ٿي تـ ان کي ماڻھن سان ٿيل جبر ۽ ظلم جو ازالو بـ ڪرڻ گھرجي, رياست جي ذميداري آھي تـ شھرين کي تحفظ فراھم ڪري نڪي اھو چئي جند ڇڏائي تـ اڌ رات جو عورتون ٻاھر ڇو ٿيون نڪرن؟ جھڙي طرح مٿيان ذڪر ڪيل طبقا اھڙي بيحودي سوچ پيدا ڪرڻ ۾ ھٿي وٺرائن ٿا اھڙي طرح رياست جو ڪمزور ۽ مدي خارج نظام ۽ قانون بـ ان سوچ کي پيدا ڪرڻ جو سبب آھي.
جيڪڏھن حياتياتي طور تي جائزو وٺون تـ جنسي عمل ھڪ فطري عمل آھي جنھن ۾ نر ۽ ماد جو ميلاپ صرف نسل وڌائڻ جي لأ ٿيندو آھي, بايولاجيڪل ٻئي پنھنجي جنس جي واڌ ويجھ لأ اھڙي عمل جو حصو بڻبا آھن پر ان فطري عمل ۾ ڪا بـ زبردستي نـ ھوندي آھي جڏھن تـ نر ۽ ماد کي فطري طور گھرج ٿيندي آھي تـ ھو اھڙو جنسي عمل ڪندا آھن ۽ ٻي اھم ڳالھ تـ ايناٽاميڪلي مادي جنس بنسبت نر جنس جي ڪمزور ۽ ھيڻي ٿيندي آھي ڇو تـ نيا ۾ جيتريون بـ مادي جنسون آھن اھي سڀ حساس ۽ نفيس ٿئين ٿيون, تنھنڪري فطري حق اھو آھي تـ نر جنسون مادي جنسن جو قدر ڪن. نر ۽ ماد ھڪ ٻي جو اٽوٽ حصو آھن ۽ سچ پچ تـ جي مادي جنسون نـ ھجن تـ تخليق ئي ختم ٿي وڃي, ڇو تـ تخليق جون باني مادي جنسون ھونديون آھن جن ھن ڪائنات ۾ آباديون ۽ ذرخيزيون ڪيون آھن, مأ جھڙو رشتو پوري ڪائنات ۾ ٻيو ٿي نٿو سگھي ۽ اھا مأ ڪير آھي؟ اھا ھڪ عورت آھي. ھن انساني معاشري ۾ جيڪڏھن فطري عمل کي غير فطري انداز ۾ پورو ڪيو ويندو تـ اھو خدائي, مذھبي, سماجي, ۽ انساني ڏوھ آھي جرم آھي.
دنيا جي ترقي يافتا ۽ سڌريل ملڪن ۾ جنسي عمل جي باري ۾ سيمينار ٿيندا آھن ۽ ان تي ڀرپور ڄاڻ ڏني ويندي آھي پر اسان وٽ اھڙي ڳالھ ڪرڻ بـ نازيب سمجھي ويندي آھي, پابنديون مڙھيون وينديون آھن الائي ڇا مان ڇا ڪيو ويندو آھي. سوچڻ جي ڳالھ اھا آھي تـ جڏھن ماڻھن کي ڪنھن بـ ڳالھ جي مڪمل ڄاڻ نـ ھوندي تـ ظاھري ڳالھ آھي ناپسند ۽ افسوسناڪ واقع تـ پيش ايندا ئي ايندا.
مدرسن, مسجدن, مندرن, ڪليسائن, گرجا گھرن, اسڪولن, يونيورسٽين, گھٽين, بازارن, دوڪانن ۽ موٽروي کان وٺي ھر جڳھ تي اھي واقع ٿيندا رھن ٿا جن ۾ صغير ٻارن کان وٺي ھر جنس ۽ عمر جو ماڻھو شڪار بڻجي ٿو. آخر ھي رياست ۽ ذميدار شھري ڪڏھن ۽ ڪئين سجاڳ ٿيندا ۽ ان قسم جي واقعن تي ضابطو ڪڏھن آڻيندا.
سماج ۾ ھڪ عجيب سوچ پيدا ٿيل آھي تـ جيڪڏھن ڪا ڇوڪري يا ڇوڪرو رضامندي سان ڪورٽ ۾ وڃي شادي ڪري ٿو تـ ان کي ڪارو ڪري ماريو ٿو وڃي, جڏھن تـ فطري اصولن موجب ھر نوجوان عاقل بالغ ڇوڪري ۽ ڇوڪري کي پنھنجي رضامندي سان شادي جو پورو پورو حق حاصل آھي اھڙو حق سڀئي مذھب ۽ رياستي قانون بـ ڏئي ٿو پؤ بـ انھن کي ماريو وڃي ٿو يا وري جئيڻ جنجال بڻايو وڃي ٿو پر ٻي طرف مسجدن, مدرسن, اسڪولن, بازارن ۽ روڊن رستن تي ٿيندڙ واقعن جا ملزم آزاد گھمندا ٿا رھن. جيسيتائين ڏوھ جي ڏوھاري کي سزا نـ ملندي ايسيتائين ڏوھن جي واقعن ۾ ڪمي اچي نـ سگھندي, جيسيتائين ممبرن تي ويٺل عالم سڳورو حورن جا قصا بند نـ ڪندو ايسيتائين جنسي وحشپڻو ختم ڪون ٿيندو, جيسيتائين رياست ۽ شھري پنھنجي پنھنجي ذميداري نـ نڀائيندا ايسيتائي ڪا بـ ڀلائي اچڻي ناھي.
ھي قوم پاڻ بکون ڪاٽي, جھوپن ۽ پڌري پٽن تي رھي ٽيڪس ادا ڪري ٿي جنھن جي بجيٽ مان دفاع جي بجيٽ 86سيڪڙو آھي پر امن امان جي حالت زيرو سيڪڙو آھي, جڏھن عالمي دنيا ۾ ھن ملڪ دفاع جي بجيٽ ۽ امن امان جي صورتحال جو ذڪر نڪري ٿو انھن کي ڏندين آڱريون اچي ٿيون وڃن تـ آخرڪار اھرو حشر ڇو آھي؟ مطلب تـ امن جا رکوالا ئي ڏوھ جا رکوالا آھن. ٻھراڙين ۾ تعليم جو ٻيڙو پوري طرح ٻڏل آھي, صحت جي سھولت جو تـ نالو نشان ئي ناھي روڊ رستا تـ ٺھيو پر وڏو آزار پوليس گردي جو آھي پوليس وڏيرن ۽ چوڌرين جي ونگارو بڻجي غريب ۽ شريف ماڻھن کي تنگ ڪندي رھي ٿي.
لانگ بوٽ وارا وڏن گروئن جا گماتشا آھن 75 سيڪڙو بجيٽ کي الاھي تـ ڪھڙي ڳيت ٿي اچي جو ڪجھ ظاھر ئي ناھي ھڙ ھڙپ آھي. حڪمران طبقو مال ميڙڻ ۽ ھڪ ٻي تي سياسي مخالفت جا الزام ھڻڻ ۾ پورو آھي, پنھنجي تڪ مان چونڊجڻ کان پؤ مجال آ جو ڪو ايم اين اي يا ايم پي اي ڪڏھن اک جي پوڇڙي بـ ڏيکاري. ۽ ءي خرف وري شھري فڪري شعور کان وانجھل آھن آخر شعور پيدا بـ ڪئين ٿئي, يوسي يا تعلقو تـ نـ پر سنڌ جي سڀني ضلعن ۾ بـ سرڪاري سٺيون لائبريريون ناھن جتي شعور ۽ فڪر جي پيداوار ٿئي.
۽ پؤ آخر ۾ افسوس کانسوأ ڪجھ نٿو بچي ۽ پؤ مرد ئي مرد کي وحشي چوي ٿو ۽ ملامت ڪري ٿو پر ڪو بـ ھن نظام کي وحشي نٿو چوي, ڪو بـ ھن نظام تي ملامت نٿو ڪري.
خير, پر اميد رھجي ۽ ايندڙ وقت ۾ بھتري جي اميد رکجي ۽ ڪوشش ڪجي پنھنجي پاڻ کي ئي بدلجي ۽ ائين فردن فردن تبديلي سماج جي تبديلي بڻبي تـ نيٺ ھڪ ڏينھن ھي سماج بدلجي پوندو ۽ امن امان ٿي پوندو.
مَقتل کان ٿورو اڳتي، مَحفل جو ڏسُ مليو آ،
مَان موتَ کي لَتاڙَي, ٿو زندگيءَ کي ڳوليان!
اُستاد بُخاري










