وحشت جي انتها، لاش جي قيمت 30 ڍور ۽ 3 هٿيار مقرر

غوثپور(رپورٽ عبدالنبي ملڪ)ڌاڙيلن 30 ڍور ۽ 3 هٿيارن بدلي چاچڙ برادري جي قتل ٿيل شخص جو لاش وارثن حوالي ڪري ڇڏيو.  ڳوٺ ڄام سونھارو چاچڙ ۾ ھٿياربندن طرفان جھيڙي ۾ مارجي ويل ڳوٺاڻي پيزو عرف عبدالرشيد چاچڙ جي لاش جو سودو ٿي ويو۔ ڏوھاري جيئند جاگيراڻي لاش جي بدلي 30 ڍور ۽ ٽي ھٿيار وٺي لاش وارثن حوالي ڪري ڇڏيو۔  ان کان اڳ راڄوڻي ڪوششن لا۽ ويل معززين کي هن موٽائي ڇڏيو هو. ياد رهي ته 3 ڏينهن اڳ ڳوٺ تي ٿيل حملي ۾ ڌاڙيل جيئند جاگيراڻي ۽ سبزوئين جي ٽولن حملو ڪري 3 ڄڻن کي قتل ڪيو هو، هڪ شخص جو لاش هو پاڻ سان گڏ کڻي ويا هئا.

9 dead bodies of those villagers who were killed few weeks ago.

جنهن بابت به چيو وڃي ٿو ته هو ڏوهاري هو ۽ اڳ ۾ پنهنجي خاندان ۽ برادري جي قتل ٿيل 10 ڄڻن جي پلاند جي رٿا بندي ڪري رهيو هو. ڌاڙيلن جي ٽولن اڳ ۾ ساڳئي ڳوٺ جي 10 ڄڻن کي قتل ڪيو هو.

پهنجو تبصرو موڪليو