اسلام آباد (بيورو رپورٽ) بين الاقوامي ادارن جي نمائندن افسوس جو اظهار ڪندي چيو آهي ته پاڪستان يورپي يونين طرفان مليل جي ايس پي پلس جي سهولت مان فائدو حاصل ڪرڻ باوجود انساني حقن ۽ مزدورن جي حالت بهتر بڻائڻ ۾ ناڪام ويو آهي. رپورٽ مطابق پاڪستان انسٽيٽيوٽ آف ليبر ايجوڪيشن اينڊ ريسرچ پائلر جي نگراني هيٺ جي ايس پي پلس جي باري ۾ قومي سطح جي اسٽيڪ هولڊرن کي خطاب ڪندي پاڪستان ۾ يورپي يونين جي سفير آنڊرولا ڪمينهارا چيو ته پاڪستان ان سهولت کان فائدو وٺندڙ 8 ملڪن ۾ شامل آهي. هن ٻڌايو ته پاڪستان 2014 ۾ جي ايس پي پلس اسڪيم ۾ داخل ٿيو جنهن جي نتيجي ۾ يورپي ملڪن کي برآمدات ۾ 50 فيصد کان وڌيڪ اضافو ٿيو ۽ ٽيڪسٽائل جو شعبو بنيادي فائدو کڻندڙن ۾ رهيو. يورپي يونين جي سفير جو چوڻ هو ته پاڪستان ۾ مزدور ۽ انساني حقن جي صورتحال ۾ گهڻي بهتري ناهي آئي. پاڪستان ۾ 3 لک کان وڌيڪ ماڻهو هينئر به جديد غلامي ۾ زندگي گذاري رهيا آهن ۽ 2 لک کان وڌيڪ ٻار مزدوري ڪري رهيا آهن اهڙي طرح ڪارڪنن جي يونين جي شرح به 5 فيصد کان به گهٽ ٿي وئي آهي. يورپي يونين جي سفير جو چوڻ هو ته جي ايس پي پلس جي مطالبن تي عمل ڪرڻ لاءِ ڪاروباري يونينز جي ڪردار کي تسليم ڪرڻو پوندو ۽ يقين ڏيارڻو پوندو ته ان ۾ ڪا به ننڍ وڏائي نه هوندي ته جيئن يورپي يونين پاڪستان جي حمايت جاري رکي سگهي. واضح رهي ته جي ايس پي پلس اسڪيم 2023 تائين فعال آهي. ان موقعي تي انٽرنيشنل ليبر آرگنائيزيشن جي ڪنٽري ڊائريڪٽر انگريڊ ڪرسٽينسن چيو ته پاڪستان ۾ ڪيترن ئي سالن کان چلڊرين ليبر سروي ناهي ٿي جڏهن ته پاڪستان ۾ ٻارڙن ۾ مزدوري جي حوالي سان آخري سروي 1996ع ۾ ڪئي وئي آهي. هن وڌيڪ چيو ته آءِ ايل او ان معاملي تي پاڪستان حڪومت سان گڏجي ڪم ڪري رهي آهي پر پاڪستان ۾ ٻارڙن جي مزدوري تمام گهڻي سخت آهي ڇاڪاڻ ته اسان هر جڳهه تي ان ٻارڙن کي روڊن تي گل ۽ ڪتاب کپائيندي ڏٺا آهن. ان کان علاوهه هن افسوس جو اظهار ڪندي چيو ته ٽريڊ يونينز جي رجسٽريشن ۾ مداخلتون ۽ ان جي نگراني ڪرڻ ۾ فقدان آهي. هن جو چوڻ هو ته پاڪستان ۾ مزدور قانون نافذ ڪرڻ هڪ وڏو چئلنج آهي پاڪستان ۾ ڪجهه حلقن ۾ ليبر انسپيڪشن کي ختم ڪيو ويو آهي پر ان تي لاڳاپيل صوبن کي مذڪوره فيصلن جي باري ۾ پنهنجو موقف واضح ڪرڻ جي ضرورت آهي.
