ڪراچي (رپورٽر ) ڪراچي ينگ ڊاڪٽرز ايسوسيئيشن جي وفد پاران جناح پوسٽ گريجوئيٽ ميڊيڪل سينٽر جي قيادت کي خدمتن جي اعتراف طور تعريفي شيلڊون پيش ڪيون ويون۔ تقريب وائي ڊي اي ڪرڪيٽ سپر ليگ ۽ افطار ڊنر جي موقعي تي منعقد ٿي وفد جي اڳواڻي وائيس چيئرمين وائي ڊي اي سنڌ ڊاڪٽر مهران خان ڪئي جڏهن ته وفد ۾ صدر وائي ڊي اي جے پي ايم سي ڊاڪٽر عمار دانش، ترجمان ڊاڪٽر محمد علي ۽ سينئر وائيس پريزيڊنٽ ڊاڪٽر شاهجهان گجراني شامل هئا تقريب دوران ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر پروفيسر خالد شير، جوائنٽ ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر ڊاڪٽر سليمان الارفين، ڊپٽي ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر ڊاڪٽر يحييٰ ٽونيو ۽ ڊپٽي ڊائريڪٽر انچارج ايمرجنسي ڊاڪٽر نوشين رؤف کي تعريفي شيلڊون ڏنيون ويون اهي اعزاز وائي ڊي اي جے پي ايم سي جي فلاحی سرگرمين، قدمن ۽ تعاون ۾ سندن مسلسل سهڪار ۽ خدمتن جي اعتراف طور پيش ڪيا ويا۔










