هڪ سنڌ هڪ ثقافت جي اعلانيل سڏ تي شهرين جي ريلي

شيخ ڀرڪيو (مظفر بروهي) سنڌي ميڊيا پاران پهرين ڊسمبر تي هڪ سنڌ هڪ ثقافت جي سري هيٺ ثقافتي ڏهاڙو ملهائڻ واري اعلان تي نيشنل پريس ڪلب جي صدر سينئر صحافي آغا جانب علي  جي اڳواڻي ۾ شاندار ثقافتي ريلي ڪڍي وئي ريلي. ۾ پ پ يوٿ ضلع ٽنڊي محمد خان جي صدر سيد صلال شاه، خرم ڪريم سومرو، سيد غلام حيدر شاه، سيد امير حيدر شاه، حاجي نور آحمد ٿيٻو، حاجي محبوب ٽنگڙي، شمس الدين لغاري، غلام مصطفي لغاري، رياض علي لغاري، سيد شاهنوازشاهه، امين سولنگي، هاشم قمبراڻي، عبدالرحيم، محمد ابراهيم لغاري، گلزار لغاري، معشوق لغاري ۽ ٻين پنهنجي ساٿين سميت شرڪت ڪئي. ريلي ۾ پبلڪ پائيليٽ اسڪول جي  استادن شاگردن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي ثقافتي ريلي ٽنڊوالهيار چوڪ کان نڪتي جيڪا مختلف رستن تان ٿيندي مک چوڪ تي پهتي جتي صوفي فقير آچر، فقير علينواز نانگو صوفياڻا ڪلام ۽ سنڌڙي تي سر ڪير نه ڏيندو سهندو ڪيرمعيار او يار  چئي ريلي ۾ شامل ماڻهن کي جهومڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو. جڏهن ته ثقافتي  ريلي کي اڳواڻن خطاب چيو ته پنهنجي ثقافت ملهائڻ زنده قومن جي سڃاڻپ آهي ۽ سنڌ جي ثقافت 5 هزار سال پراڻي ۽ قديمي ثقافت آهي هنن چيو ته اسان سنڌي ميڊيا جا شڪر گذار آهيون ۽ مبارڪ ٿا پيش ڪريون جن سموري سنڌي  قوم کي هڪ پليٽ فارم تي گڏ ڪرڻ لاءِ هڪ سنڌ هڪ ثقافت جي سري هيٺ ثقافتي ڏهاڙو ملهائڻ جو اعلان ڪيو آهي. ان موقعي جمال خان عالماڻي غلام نبي عالماڻي غلام مصطفي انڙ علي خان خٽڪ ۽ ٻين خطاب ڪيو.

پهنجو تبصرو موڪليو