هوٽلن ۽ پمپن تي سي سي ٽي وي ڪيمرا لڳايو، لاڙڪ

شڪارپور (رپورٽ: عبدالخالق سومرو) انٽيليجنس ڪميٽيءَ جي گڏجاڻي ڊپٽي ڪمشنر شڪارپور نويدالرحمان لاڙڪ جي صدارت ۾ ٿي. گڏجاڻيءَ کي خطاب ڪندي ڊپٽي ڪمشنر چيو ته انٽيليجنس ڪميٽيءَ جي پوئين گڏجاڻيءَ ۾ عيدالاضحيٰ بابت ورتل فيصلن ۽ ان تي بهتر نموني سان عمل درآمد ڪيو ويو. هن چيو ته ايندڙ ڪجهه ڏينهن ۾ 14 آگسٽ ۽ محرم الحرام جا ڏهاڙا اچي رهيا آهن. ان حوالي سان شڪارپور هڪ حساس ضلعو آهي، انڪري سڀئي انٽيليجنس ادارا سڪيورٽيءَ تي خاص توجهه ڏين ۽ ڪنهن به سانحي کي اڳواٽ منهن ڏيڻ لاءِ ڪامبنگ آپريشن ڪيو وڃي. هن چيو ته حفاظتي اُپاءَ سخت ڪرڻ لاءِ ضلعي اندر قائم پيٽرول پمپن، هائي ويز ۽ لائين جي هوٽلن تي سي سي ٽي وي ڪئميرائن کي لڳائڻ جي هدايتن تي عمل ڪيو وڃي. هن چيو ته 14 آگسٽ ۽ محرم الحرام کان پهريان سنيپ چيڪنگ جو دائرو وڌايو وڃي، ڊپٽي ڪمشنر چيو ته شهرين ۾ سيلف ڊفينس جو شعور اجاگر ڪرڻ لاءِ سول ڊفينس جي اداري کي فعال بڻايو ويندو. هن چيو ته رينجرس پڻ محرم الحرام ۽ 14 آگسٽ دوران گشت جو دائرو وڌائي ۽ ضلعي جي انٽري پوائنٽس تي چيڪنگ ڪري.گڏجاڻيءَ ۾ سڪيورٽي ادارن جي سربراهن ۽ نمائندن شرڪت ڪئي.

پهنجو تبصرو موڪليو