هن سال ايڪس (ٽوئيٽر) ۾ وڏين تبديلين جو اعلان

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ)ايلون مسڪ جي ملڪيت هيٺ سوشل ميڊيا پليٽ فارم ايڪس (ٽوئيٽر) کي 2024ع ۾ هٿرادو ذهانت (اي آءِ) ٽيڪنالاجي سان ليس فيچرز سان بهتر بڻائڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي. ڪمپني پاران هڪ بلاگ پوسٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته ايڪس کي مائڪرو بلاگنگ بدران وڊيو فرسٽ پليٽ فارم ۾ تبديل ڪيو پيو وڃي. واضح رهي ته ڪمپنيءَ جولاءِ 2023ع ۾ ٽوئيٽر جو نالو تبديل ڪري ايڪس رکيو هو ۽ ان جو لوگو به تبديل ڪيو ويو هو. هاڻي ان پليٽ فارم کي سپر ايپ ۾ تبديل ڪرڻ جو عمل تيز ڪيو پيو وڃي. ان مقصد لاءِ ڪمپني جي بلاگ پوسٽ ۾ 2024ع ۾ ڪنهن به وقت پيمنٽ سروسز کي متعارف ڪرائڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي. پيمنٽ سروس کانسواءِ ايڪس ۾ See Dissimilar Posts نالي فيچر جو اضافو به ڪيو پيو وڃي. ان فيچر تحت ايڪس فيڊ تي اهڙيون پرائيويسي پوسٽون نظر اينديون جيڪي واهپيدارن جي دلچسپي جي موضوعن کان مختلف هونديون. ان فيچر لاءِ اي آءِ ٽيڪنالاجي جي مدد ورتي ويندي.ان سان گڏوگڏ ايڪس سرچ فنڪشن کي به اي آءِ ٽيڪنالاجي جي مدد سان بهتر بڻايو ويندو. في الحال ڪمپني پاران نون فيچرز جي حوالي سان وڌيڪ تفصيل جاري نه ڪيا ويا آهن ۽ چوڻ ڏکيو آهي ته اهي ڪيستائين واهپيدارن کي دستياب هوندا. اڃا به واضح نه آهي ته اهي فيچرز عام واهپيدارن کي دستياب هوندا يا نه. ڪمپني پاران هاڻي گھڻا فيچرز کي سبسڪرپشن سروس جو حصو بڻجندڙ واهپيدارن تائين ئي محدود رکيو ويندو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو