هم ٽي وي جا شيئر مهانگا، ڪمپني پريشان، ڀاءُ ڀيڻ جا اختلاف

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) هم ٽي وي نيٽ ورڪ جي شيئرز جي قيمت ۾ حد کان وڌيڪ اضافي تي ڪمپني پريشان آهي ۽ کين خدشو آهي ته ڪجهه ماڻهو ڪمپني تي قبضو ڪرڻ چاهن ٿا. ان ڏس ۾ هم ٽي وي نيٽ ورڪ جي ڪمپني سيڪريٽري سڪورٽيز ايڪسچينج ڪميشن آف پاڪستان (ايس اِي سي پي) ۽ پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج(پي ايس اِي) کي خط لکي جاچ جو مطالبو ڪيو آهي. ڪپمني جو چوڻ آهي ته سندن شيئر جي قيمت هلندڙ سال 3 اپريل کان 18 جون تائين 2.31 روپيا في شيئر مان وڌي 17.05 روپيا ٿي وئي آهي. گهڻي ڀاڱي شيئر سيدار ڪيپيٽل، ڪنگز وي ۽ جي ايس گروپ وارن خريد ڪيا آهن. سڀني خريدارن جو بظاهر سڌي ۽ اڻ سڌي طرح جي ايس گروپ سان واسطو آهي. هو ڪمپني ۾ ڊائريڪٽر جو عهدو حاصل ڪرڻ ۽ ڪمپني تي قبضي جو ارادو رکن ٿا، جيڪو قانون موجب غلط طريقو آهي، مشڪوڪ خريد ۽ فروخت غير قانوني آهي. ياد رهي ته حم نيٽ ورڪ 4 چينل هلائي رهيو آهي جن ۾ هم نيوز، هم مصالحي، هم ستاري ۽ هم ٽي وي شامل آهن. جي ايس گروپ جهانگير صديقي جو آهي ۽ هم نيٽ ورڪ سندس ڀيڻ جو آهي. ٻنهي ۾ ڪجهه عرصي کان ڪاروباري اختلاف هلندڙ آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو