همايون شريف ۾ ٻن ڌرين ۾ جهيڙو، پيءُ پٽ سميت 3 ڄڻا قتل

همايون شريف ۾ ٻن ڌرين ۾ جهيڙو، پيءُ پٽ سميت 3 ڄڻا قتل

همايون شريف (ن س) همايون شريف ۾ سڱاوتي تڪرار تان چانڊيا برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو ٿي پيو، پيءُ پٽ سميت 3 ڄڻا قتل ٿي ويا ٻڌايو پيو وڃي ته فائرنگ جي نتيجي ۾ عبدالڪريم پٽ مينڌرو چانڊيو، نور نبي ۽ سندس پٽ گل خان چانڊيو مارجي ويا اطلاع تي همايون شريف پوليس واقعي واري هنڌ پهچي وئي، عبدالڪريم چانڊيو جو لاش اسپتال منتقل ڪيو ويو جنسال چانڊيو ڌر جي مارجي ويل پيءُ پٽ جا لاش واقعي واري هنڌ پيل رهيا، علائقي ۾ ڏهڪاءُ پکڙجي ويو

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو