نيپرا بجلي جو في يونٽ ڏيڍ روپيو واڌ جي منظوري ڏئي ڇڏي

اسلام آباد(رپورٽ اياز مهر) نيپرا پاڪستان ۾ بجلي فراهم ڪندڙ سمورين ڪمپنين کي في يونٽ ڏيڍ روپيا اضافي جي منظوري ڏئي ڇڏي. ڪراچي اليڪٽرڪ تي هي واڌ لاڳو نه هوندي. 300 يونٽ ماهوار بجلي استعمال ڪندڙ گهريلو صارفين تي به هي واڌ لاڳو نه ٿيندي. بجٽ اڃا منظور ئي نه ٿي آهي ته نيپرا بجلي جي اگهن ۾ واڌ ڪري ڇڏي آهي. حڪومت جلد نوٽيفڪيشن جاري ڪندي. نيپرا جي ذريعن سنڌيار کي ٻڌايو ته هي واڌ آءِ ايم ايف سان ٿيل معاهدي موجب ڪئي آهي ۽ بجلي فراهم ڪندڙ سمورين ڪمپنين کي چيو آهي ته هو 189 ارب 64 ڪروڙ جون رهتون به اڳاڙين. ياد رهي ته اڳ ۾ پاڻي ۽ بجلي واري وزير عمر ايوب چيو هو ته هڪ روپئي کان گهٽ في يونٽ بجلي اگهن ۾ واڌ ٿيندي.

پهنجو تبصرو موڪليو