نيب ۾ زرداري خلاف 36 انڪوائريزهلندڙ آهن، عدالت ۾ رپورٽ پيش

اسلام آباد(رپورٽ اياز مهر) نيب اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ جمع ڪرايل رپورٽ م ٻڌايو آهي ته پيپلز پارٽي جي شريڪ ڇيئرمين ۽ اڳوڻي صدر آصف علي زرداري خلاف هن وقت 36 ڪيسن ۾ جاچ هلندڙ آهي. آصف علي زرداري جي درخواست تي عدالت پاران تفصيل طلب ڪرڻ بعد نيب 11 صفحن تي مشتمل رپورٽ جمع ڪرائي آهي. رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته هن وقت تائين 8 ڪيسن ۾ زرداري جي ملوث هئڻ بابت ثبوت مليا آهن، سندس گرفتاري وارنٽ صرف هڪ ڪيس پارڪ لين ڪيس ۾ جاري ڪيا ويا آهن. 2 عبوري ريفرنس داخل ڪيا ويا آهن جيڪي سنڌ جي خصوصي اپائن واري کاتي جي ٺيڪن ۽ جعلي بئنڪ اڪائونٽس بابت آهن. رپورٽ موجب پنج انڪوائريز ڪمند جي آبادگارن کي ادائگي ۾ گهپلن، توشه خاني مان گهٽ اگهه تي گهاڏيون خريد ڪرڻ ۽ ادائگي جعلي بئنڪ اڪائونٽس مان ڪرڻ، بحريه کان 8 ارب 30 ڪروڙ جعلي اڪائونٽس م وصول ڪرڻ ۽ جي وي اوپل ڪمپني ذريعي زمين خريدن ۽ زرداري گروپ پاران ڪميشن وصول ڪرڻ بابت آهن. رپورٽ موجب 22 ٻيون انڪوائريون آهن جن ۾ شڪ آهي ته زرداري ملوث آهي جنهن ۾ پرڏيهه مان گاڏيون گهرائڻ ۽ ادائگي جعلي اڪائونٽس مان ڪرڻ، ڪيپٽو پاور ۽ ٽيڪنو مين پاور ڪمپنين کي غيرقانوني طور رعايتون ڏيڻ، ٺتو ۽ دادو شگر ملز جو غيرقانوني وڪرو، صنعتن جي بحالي لاءِ بجٽ ۾ بدعنواني ڪرڻ، سمٽ بئنڪ جي غيرقانوني ڦهلاءَ، اومني گروپ ۽ سمٽ بئنڪ جي غيرقانوني ڏيتي ليتي، ٺٽو سيمينٽ جي خريداري ۽ اسٽيل ملز جي زمين وڪرو ڪرڻ بابت آهن. اڱاري تي عدالت م جمع ڪرايل رپورٽ م نيب ڄاڻايو آهي ته اسلام آباد هاءِ ڪورٽ م 12 پٽيشن هلندڙ آهن جن ۾ آصف علي زرداري، فريال ٽالپر، قائم علي شاهه، انور مجيد ۽ سندس فيملي، حسين لوائي ۽ ٻين ضمانتون ڪرايون آهن. رپورٽ ۾ نيب واضح ڪيو آهي ته جعلي بئنڪ اڪائونٽس ڪيس ۾ انڪوائري سپريم ڪورٽ جي هدايت تي هلي ٿي نيب پنهنجي طور تي شروع ناهي ڪئي.

پهنجو تبصرو موڪليو