نيب ڪاررواين بابت وزيراعظم ۽ نيب چيئرمين پاران واپارين کي خاطري

اسلام آباد (ڊيسڪ نيوز) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته واپاري برادريءَ لاءِ سهوليتون موجود هجن ۽ اهي مانفعو ڏيندڙ ڪاروباري سرگرميون ڪري سگهن ان سلسلي ۾ حڪومت سندن هر ممڪن مدد ڪندي. ان سان گڏ ئي نيب متعلق ڪاروباري برادريءَ کي جيڪي اعتراض آهن انهن جي ازالي لاءِ جلد حڪمت عملي جوڙي ويندي. وزيراعظم طرفان اهڙن خيالن جو اظهار ڪراچي، لاهور، اسلام آباد، گوجرانوالا، سيالڪوٽ ۽ فيصل آباد جي واپاري تنظيمن جي وفدن سان ملاقات دوران ڪيو آهي. ان موقعي تي وزيراعظم جو خزاني بابت مشير ڊاڪٽر عبدالحفيظ شيخ، واپار بابت مشير عبدالرزاق دائود، سرمائيڪاري بورڊ جو چيئرمين زبير گيلاني ۽ ٻيا عملدار موجود هئا. ملاقات دوران واپارين پاران معيشت جي بهتري ۽ ڪاروباري سرگرمين ۾ تيزي آڻڻ خاطر وزيراعظم کي پنهنجون صلاحون پيش ڪيون ۽ ڪاروبار ۾ پيش ايندڙ مشڪلاتن جي ڄاڻ ڏني. وزيراعظم واپارين سان مخاطب ٿيندي چيو ته قومي احتساب بيورو سان لاڳاپو رکندڙ واپاري برادريءَ جي اعتراضن کي ختم ڪرڻ لاءِ حڪمت عملي ترتيب ڏني وئي آهي ان سلسلي ۾ هڪ ڪميٽي به جوري ويندي. ملڪ جو مستقبل معاشي ترقيءَ سان جڙيل آهي ان ڪري اسان واپاري برادري ۽ حڪومت جو وهنوار بهتر بنائڻ چاهيون ٿا. واضح رهي ته واپارين ان کان اڳ هڪ سيمينار جي موقعي تي چيف آف آرمي اسٽاف سان به ملاقات ڪئي. ٻئي طرف قومي احتساب بيورو (نيب) جي چيئرمين جسٽس (ر) جاويد اقبال لاهور ۾ واپارين جي هڪ ميڙ کي خطاب ڪندي چيو آهي ته مني لانڊرنگ ۽ ڪاروباري سرگرمين ۾ وڏو فرق آهي ۽ سپريم ڪورٽ مني لانڊرنگ بابت ڪيترائي ڪيس اسانکي اماڻيا آهن.

نيب چيئرمين جسٽس (ر) جاويد اقبال (فائل ڦوٽو)

نيب چيئرمين چيو ته مني لانڊرنگ ۽ ٽيڪس چوريءَ ۾ وڏو فرق آهي. ٽيڪس چوريءَ بابت ڪيس نبيرڻ ايف بي آر جو ڪم آهي ۽ ايف بي آر جي ڪم ۾ اسان مداخلت نه ڪندا آهيون. نيب مني لانڊرنگ ۽ ڪرپشن ڪيسن تي ڪم ڪري رهي آهي ۽ اگر مونکي وڌيڪ اختيار ڏنا وڃن ته ڪرپشن ڪجهه هفتن ۾ ختم ڪري ڇڏيان. هن اهو پڻ چيو ته بينڪ ڊفالٽ جي ڪيسن ۾ به نيب مداخلت ناهي ڪندي. مان يقين ٿو ڏياريان ته اسان بينڪن سان لاڳاپيل واپارين جو ڪو به ڪيس شوق ۾ ناهي ورتو. نيب چيئرمين چيو ته ملڪ ۾ سزا ۽ جزا جو نطام موجود آهي ان نظام تحت نيب تي جيترو لازم هوندو اسان عدالتن جي مدد ڪندا رهنداسين. ياد رهي ته نيب ڪاررواين سبب ملڪ ۾ واپار ۽ معيشت تي پوندڙ منفي اثرن کان بچڻ لاءِ نيب قانونن ۾ ترميم بابت صلاح مشور هلن پيا ۽ امڪان آهي ته وفاقي ڪابينا ان سلسلي ۾ جلد واضح قدم کڻندي.  

پهنجو تبصرو موڪليو