نيب چيئرمين رنگ روڊ اسڪينڊل جو نوٽيس وٺي ڇڏيو

اسلام آباد (رپورٽ الله وسايو گهوٽو) نيب چيئرمين طرفان راولپنڊي ۾ رنگ روڊ اسڪينڊل جو نوٽيس، نيب راولپنڊي کي منصوبي ۾ مبينا ڪرپشن جي جاچ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، نيب چيئرمين رٽائرڊ جسٽس جاويد اقبال چيو آهي ته نيب احتساب سڀني لاءِ هڪجهڙي واري پاليسي تي سختي سان عمل ڪري رهيو آهي، نيب جو ڪنهن سياسي پارٽي يا فرد سان واسطو ناهي، ٻئي طرف وفاقي وزير غلام سرور خان رنگ رونڊ اسڪينڊل ۾ ملوث هجڻ جي ترديد ڪندي چيو آهي ته منصوبي ۾ سندس ڪابه زمين نه آهي، هڪ انچ به زمين ثابت ٿئي ته سياست ڇڏي ڏيندس،حڪومت رنگ روڊ منصوبي تي خصوصي ڌيان ڏئي رهي آهي

پهنجو تبصرو موڪليو