نيب پاران نواز شريف جي آزادي جي مخالفت، خرچ ڀرائي ڏيو

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) نيب اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ نواز شريف جي العزيزيه ۽ هل ميٽل ڪيس ۾ سزا جي معطلي جي درخواست جو جواب جمع ڪرائيندي مخالفت ڪئي آهي. ٽي ڀيرا ملڪ جو وزيراعظم رهندڙ نواز شريف کي 24 ڊسمبر تي احتساب عدالت جي جج محمد ارشد ملڪ 7 سال ٽيپ، 1.5 ارب روپيا ۽ اڍائي ڪروڙ ڊالر ڏنڊ جي سزا ٻڌائي هئي ۽ هن وقت هو ڪوٽ لکپت جيل ۾ قيد آهي. هن عدالت ۾ جنوري ۾ درخواست داخل ڪئي هئي ته احتساب عدالت جي فيصلي ۾ وڏا قانوني جهول آهن، جيل ۾ سخت ذهني دٻاءَ جو شڪار آهي ۽ سندس طبيعت خراب آهي زندگي موت جو مسئلو آهي، ان ڪري سزا معطل ڪري کيس آزاد ڪيو وڃي. نيب پيرا وار جواب ۾ چيو آهي ته هو جسماني ۽ ذهني طور ٺيڪ آهي، سپريم ڪورٽ کيس پسند جي ڊاڪٽر کان ملڪ ۾ علاج ڪرائڻ لاءِ ضمانت منظور ڪئي پر هن علاج نه ڪرايو. جيل ۾ سندس ذاتي معالج معائنو ڪري ٿو، مسلسل سندس صحت جي مانيٽرنگ هلي پئي، ذهني دٻاءَ سبب زندگي کي خطرو ناهي هوندو، هن جي درخواست ٻڌڻ جوڳي ناهي، خارج ڪري کائنس ڪيس جو خرچ ڀرائي ڏيو.

پهنجو تبصرو موڪليو