سنڌ جو نيب کي سرڪاري ملازمن جا تفصيل ڏيڻ کان انڪار

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ حڪومت نيب کي سرڪاري ملازمن جو تفصيل ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي. نيب وارن شهزاد اڪبر جي چوڻ تي سنڌ حڪومت کان تفصيل گهريا هئا ته سنڌ جي شهري ڪوٽا تي ٻهراڙي جا ڪيترا ملازم ڪم ڪري رهيا آهن. نيب پڇيو هو ته ٻهراڙين جا ڪهڙا ۽ ڪيترا سرڪاري ملازم ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ ڪم ڪن ٿا نيب پاران سنڌ سرڪار کان انوکو جواب طلب، نيب اختيارين سروسز اينڊ جنرل ايڊمنسٽريشن کاتي جي اختيارين کي خط لکي حيدرآباد ۽ ڪراچي ۾ مقرر هڪ کان 22 گريڊ جي ملازمن جا تفصيل گهري ورتا، سنڌ سرڪار وري نيب جي ليٽر جي روشني ۾ سمورن کاتن کان حيدرآباد ۽ ڪراچي ۾ مقرر ٻهراڙين جو ڊوميسائل رکندڙ ڪامورن جي ڊيٽا گهرائي ورتي،وفاقي صلاحڪار شهزاد اڪبر ٻهراڙي جو ڊوميسائيل رکندڙ ملازمن جي حيدرآباد ۽ ڪراچي ۾ مقررين واري معاملي تي اعتراض واريا هئا.

پهنجو تبصرو موڪليو