شهبازشريف جي زال ۽ ڌيئرن خلاف نيب نوٽيس رد

لاهور(م ڊ) نيب چيئرمين جسٽس (ر) جاويد اقبال ميان شهباز شريف جي گهرواري ۽ ڌيئرن کي آمدن کان وڌيڪ اثاثا ٺاهڻ واري ڪيس ۾ جاري ڪيل سمن رد ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي. هن چيو ته هو پاڻ ان ڪيس جي نگراني ڪندو ۽ سمورن ميگا ڪرپشن ڪيسز کي منطقي انجام تائين پهچائيندو. اهڙو اظهار هن نيب لاهور جي دوري دوران ڪيو. نيب پاران جاري ڪيل بيان ۾ ٻڌايو ويو آهي ته چيئرمين کي نيب لاهور جي ڪارڪردگي بابت تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. ياد رهي ته ٻه ڏينهن اڳ نيب لاهور ميان شهباز شريف جي گهرواري ۽ ڌيئرن کي به جاچ لاءِ طلب ڪندي نوٽيس جاري ڪيا هئا. ڇنڇر تي جڏهن نيب جي ٽيم پوليس موبائل سان گڏ کين گهرن تي طلبي نوٽيس پهچايا ته مسلم ليگ وارن ڇاپي جون خبرون هلايون جنهن بعد نيب کي وضاحت ڪرڻي پئي. نيب پاران جاري ڪيل وضاحتي بيان م چيو ويو آهي ته  شهباز شريف جي ڌيئرن جي گهرن تي ڇاپو ناهي هنيو پر جاچ ۾ شامل ٿين لاءِ کين نوٽيس پهچايا ويا آهن. ان کان اڳ مسلم ليگ (ن) جي ترجمان مريم اورنگزيب چيو هو ته نيب جي ٽيم شهباز شريف جي پٽ کانپوءِ سندس ڌيئرن جي گهرن تي ڇاپو هنيو آهي ۽ ڪڙو چاڙهيو. نيب چيو آهي ته نيب جي ٽيم سان گڏ پوليس جي گاڏي حفاظت لاءِ ساڻ هئي. نيب پاران نصرت شهباز کي آمدن کان وڌيڪ اثاٿا رڪڻ بابت جاچ لاءِ 17 اپريل تي ، رابعه شريف 18 اپريل ۽ جويريه شريف کي 19 اپريل تي طلب ڪيو ويو آهي.  جڏهن ته حمزه شهباز کي 15 اپريل تي رمضان شگر ملز۽ 16 اپريل تي اثاثا جات واري ڪيس ۾ جاچ لاءِ گهرايو ويو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو