نيب آرڊيننس سمجهڻ لاءِ ٻيهر ڊگري حاصل ڪرڻي پوندي؛ وجيهه الدين

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) نيب ترميمي آرڊيننس تي تبصرو ڪندي جسٽس (ر) وجيهه الدين احمد چيو آهي ته نيب آرڊيننس کي سمجهڻ لاءِ ان کي قانون جي تعليم ٻيهر حاصل ڪرڻي پوندي. پنهنجي هڪ بيان ۾ عام لوگ اتحاد جي چيئرمين جسٽس (ر) وجيهه الدين احمد چيو ته حڪمراني جو عجيب و غريب انداز اپنايو ويو آهي، ابتدائي نيب آرڊيننس 1999 عملي طور ختم ڪيو ويو آهي ۽ هاڻي نااهلي سان قومي خزاني کي پهچڻ وارو نقصان ڪرپشن جي ذمري ۾ نه ايندو. وجيهه الدين احمد چيو ته آرڊيننس ذريعي بدعنوانن کي کُلي اجازت ڏني وئي آهي خود حڪومت ۽ اپوزيشن جي ماڻهن کي به فائدو ٿيندو. هن وڌيڪ چيو ته حڪمرانن پنهنجي موجوده حالتن کي تحفظ ڏنو آهي ۽ ايندڙ وقت لاءِ به حڪمرانن کي فائدو حاصل ٿيندو. جسٽس (ر) وجيهه الدين مطابق احتساب جي نعري کان هوا نڪري چُڪي آهي هي هڪ وڏي پئماني تي ڦهلايل اين آر او آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو