نياڻين جي تعليم،شاندار پروگرام

صوڀوديرو(مظهر منڱڻيجو) گورنمينٽ ايليمينٽري اسڪول ڪمالديرو ۾ نياڻين جي تعليم جي اهميت تي اتحاد محلا ڪاميٽي ڪمالديرو طرفان هڪ پروگرام منعقد ڪيو ويو جنهن ۾ نياڻين ۾ اسٽيشنري جو سامان پڻ ورهايو ويو تقريب ۾ TEO پرائمري محمد مشڪ رتڙ,يوسي چيئرمين ڪمالديرو ڊاڪٽر قربان اڄڻ, ڊي ايس پي حفيظ الله منڱڻيجو,ڪميونٽي موبلائيزر سيوا ڊولمينٽ ٽرسٽ سنڌ سونيا پنجواڻي,چيئرمين اتحاد محلا ڪاميٽي ۽ سماجي اڳواڻ شاهنواز منڱڻيجو ۽ مختلف سماجي تعليمي شعور رکندڙ نوجوانن شرڪت ڪئي تقريب ۾ جنرل سيڪريٽري اتحاد محلا ڪاميٽي نزاڪت علي منڱڻيجو آيل مهمانن کي آجياڻو پيش ڪيو تقريب کي خطاب ڪندي TEO مشڪ رتڙ جو چوڻ هو تہ تعليم جي ميدان ۾ اتحاد محلا ڪاميٽي طرفان کنيل قدم انتھائي ساراھ جوڳو عمل آھي جنهن تي سموري ٽيم جس لهڻي اسان تعليم جي ميدان ۾ محلا ڪاميٽي سان هر ممڪن تعاون ڪنداسين ان موقعي تي چيئرمين يوسي ڪمالديرو اسڪول لاء سولر سسٽم ڏيڻ جو اعلان ڪيو ۽ اتحاد محلا ڪاميٽي جي ڪيل ڪوششن جي ساراھ ڪئي چيئرمين اتحاد محلا ڪاميٽي شاهنواز منڱڻيجو چيو تہ اسان جا حوصلا بلند آھن اسان تعليم جي بهتري لاء پوري يوسي جي اسڪولن ۾ اهڙا پروگرام ڪنداسين تہ جيئن ماڻهن ۾ تعليم جو شعور وڌائي سگهجي جنرل سيڪريٽري مھراڻ محلا ڪاميٽي تسليم عباسي ۽ ٻين  مقررين تقريب ۾  خطاب ڪيو ۽ پنهنجا خيال پيش ڪيا تقريب جي اختتام ۾ تقرير قرات ۽ نعت ۾ حصو وٺندڙ شاگردياڻين جي حوصلا افزائي لاء انهن کي ايوارڊ ڏنا ويا ۽ 95 شاگردياڻين ۾ اسٽيشنري جي سامان جي ورهاست ڪئي وئي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو