نوشڪي: (ويب ڊيسڪ) سيڪيورٽي فورسز نوشڪي ۾ دهشتگردي جو منصوبو ناڪام بڻائي ڇڏيو. ٽارگيٽيڊ آپريشن ۾ فتنته الهندستان جا پنج اهم ڪمانڊر مارجي ويا. سيڪيورٽي ذريعن موجب قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کي ڳجهي اطلاع ملي ته فتنته الهندستان جي دهشتگردن نوشڪي ۾ دهشتگردي جو منصوبو ٺاهيو آهي، انهي مقصد لاءِ نوشڪي جي ڏوراهين علائقي ۾ پنهنجي ٺڪاڻن ۾ موجود آهن جنهن تي سيڪيورٽي فورسز جي ڳري نفري ٽارگيٽيڊ آپريشن ڪيو.ذريعن موجب دهشتگردن سيڪيورٽي فورسز کي ڏسندي ئي جديد خودڪار هٿيارن سان فائرنگ شروع ڪري ڏني، فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ فتنته الهندستان جا 5 اهم ڪمانڊر مارجي ويا.سيڪيورٽي فورسز دهشتگردن جي ٺڪاڻن کي پٽ ڪري وڏي مقدار ۾ هٿيار، راڪيٽ لانچرز، بم، ڌماڪيدار مواد ۽ مواصلاتي اوزار قبضي ۾ وٺي ڇڏيا، مارجي ويل دهشتگرد سيڪيورٽي فورسز ۽ پوليس تي حملن ۾ ملوث هئا.










