نوشهروفيروز ۾ واپڊا ، پبلڪ هيلٿ ۽ اسپتال ملازمن جو ڌار ڌار احتجاج

نوشهروفيروز (رپورٽ مشتاق مري) واپڊا ، پبلڪ هيلٿ ۽ سول اسپتال نوشهروفيروز جي ملازمن اڄ شهر ۾ ڌار ڌار احتجاج ڪندي پنهنجي پنهنجي مسئلن جي حل لاء جلوس ڪڍيا ۽ ڌرڻا هنيا. واپڊا هائڊرو يونين سب ڊويزن نوشهروفيروز جي ملازمن پاران مطالبن جي مڃتا لاءِ 2 ڪلاڪ آفيس جي تالابندي ڪري ٻانهن تي ڪاريون پٽيون ٻڌي احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو جنهن جي اڳواڻي يونين جي چيئرمين غلام عباس سولنگي ۽ ٻين ڪئي. اڳواڻن صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته سب ڊويزن ۾ مرمتي ڪم دوران ڪيترائي ملازم فوت ۽ زخمي ٿي چڪا آهن پر کين بچاء لاء گھربل اوزار ۽ ٽول وغيره نٿا ڏنا وڃن جنهن ڪري هو زندگي وڃائي ويهن ٿا. هنن مطالبو ڪيو ته معطل ۽ بدلي ٿيل ملازمن جا آرڊر واپس ڪري، اپگريڊيشن کان رهيل اسٽاف کي اپ گريڊ ڪيو وڃي. ڊيلي ويجز ۽ ڪانٽريڪٽ تي ڪم ڪندڙ ملازمن کي پڪو ڪري سيفٽي جو معياري سامان ڏنو وڃي. ٻئي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.

ان کانسواء شهر ۾پبلڪ هيلٿ جي ملازمن پڻ کاتي اندر او پي ايس تي مقرر آفيسرن خلاف ڪارروائي نه ڪرڻ، ٽائيم اسڪيل، پبلڪ هيلٿ سکر سائيڊ ريجن جي ملازمن جي ايس اين اي منظور نه ڪرڻ ۽ ٻين جائز مطالبن جي مڃتا لاءِ آفيس جي تالابندي ڪري احتجاج جاري رکيو. ان موقعي تي اڳواڻن شهيد بينظيرآباد ڊويزن جي صدر شهاب الدين کوکر ۽ ٻين صحافين آڏو دانهيندي چيو ته پبلڪ هيلٿ اداري ۾ 70 سيڪڙو آفيسر او پي ايس تي مقرر ٿيل آهن جنهن سبب کاتي اندر پروموشن جي آسري ۾ ويٺل ملازمن سان سراسر ناانصافي ٿي رهي آهي. چيف انجنيئر پبلڪ هيلٿ سکر جي آفيس 6 سال اڳ کولي وئي آهي پر افسوس 6 سال گذرڻ باوجود سکر سائيڊ جي ملازمن جي هن مهل تائين ايس اين اي مقرر ناهي ڪئي وئي. هنن چيو سنڌ حڪومت پاران مختلف کاتن جي ملازمن کي ٽائيم اسڪيل، فوتي ڪوٽا، سن ڪوٽا ڏنو وڃي ٿو پر پبلڪ هيلٿ جي ملازمن جا جائز مسئلا حل نه ڪرڻ ملازمن سان زيادتي آهي.

ٻئي پاسي سول اسپتال نوشهروفيروز کي ضلعي جو درجو نه ملڻ، ڊاڪٽرن جي کوٽ، اين آءِ سي وي ڊي سينٽر نه کولڻ، ٽراما سينٽر جي بحالي لاءِ اسپتال بچايو ايڪشن ڪميٽي جي سڏ تي احتجاجي ريلي ڪڍي وئي. ريلي پريس ڪلب کان شروع ٿي ۽ شهر جو گشت ڪرڻ بعد ڊي سي آفيس آڏو پهتي جتي ڌرڻو هنيو ويو. احتجاج جي اڳواڻي يونس راڄپر، ايس يو پي اڳواڻ عزيز ڦل ۽ ٻين چيو ته نوشهروفيروز ضلعي کي 29 سال گذري چڪا آهن پر سول اسپتال نوشهروفيروز کي ضلعي جو درجو نه ڏيڻ سراسر زيادتي آهي. هنن چيو ته پنجن سالن کان وٺي آپريشن ٿيٽر بند آهي پيٿالاجسٽ ڊاڪٽر نه هجڻ ڪري ليبارٽري پڻ ڊسپينسر هلائي رهيا آهن ڊائلاسز جون آيل 10 مشينون ڇهن مهينن کان نه پيون لڳايون وڃن جڏهن ته اي سي جي ۽ الٽراسائونڊ تي ڪا به عورت ڊاڪٽر نه هجڻ ڪري اسپتال عوام لاءِ بي لاڀ بڻيل آهي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو