نوجوان ناظم جوکيو جو ناحق خون ۽ عرب شهزادن جا شوق !

محمد اسماعيل لانگاھ  

دنيا دولت اڄ اسان انسانن جي دلين ۾,ايتري وحشت دهشت سمائي ڇڏي آهي جو انسانن ۽ جانورن جي سُڃاڻپ جو فرق ختم ٿي چُڪو آهي اسان اڄ انسان  کي ائين بي دردي سان ڪُٺو ۽ قتل ڪيو وڃي ٿو جيئن هن جو هن سماج ۾ جيئڻ جو حق نٿو لڳي اهڙيون وحشي ڪاروائيون سنڌ جي ريتن رسمن ۾ ڄڻ رواج بڻجي ويون آهن ملڪ ۾ انصاف قانون عدالتون نالي ماتر ڄڻ قائم ڪيل آهن, هونئن ته ڪيترا ئي واقعا ڳُجھ ڳوھ ۾ ٿيندا رهندا آهن پر تازو واقعو ڪراچي جي ملير واري آچار سالار ڳوٺ ۾  شڪار لاء پهتل عرب شهزادن جي ويڊيو ريڪارڊ ڪندڙ نوجوان ناظم جوکيو کي تڪ جي بااثر سياسي ڀوتارن ۽ سندن واٺن پاران  اوطاق تي گهرائي بيدردي سان قتل ڪري لاش جهنگ ۾ اڇلايو ويو اهڙي درندگي کي انسانيت نه وهشت ۽ دهشت چئي سگهجي ٿو جتي انسان کي پنهنجي حق گهرڻ ۽ ظلم خلاف آواز اٿارڻ لاء جيئندان نه بخشيو وڃي ڇا اسان اهڙي معاشري کي مهذپڻو ۽ اسلامي جهموريه پاڪستان جو حب الوطن چئي سگهون ٿا, شوق شڪار ته پوري دنيا اندر ڪيا وڃن ٿا پر سنڌ ۾ سياسي پيري ڀوتارڪي نظام سنڌ جي عوام کي ايترو ته يرغمال بڻائي رکيو آهي ڄڻ هنن جو سماج ۾ حق گهرڻ ۽ ڪنهن ڀوتار خلاف لکڻ قلعدم قرار ڏنل هجي ,تازو ملير واري واقعي کانپوء سنڌ جو هر باشعور ماڻھون اهو سوچي ٿو ته آخر اسانجي صوبي جو سرداري نظام عرب شهزادن جو عياشيون پوريون ڪرڻ لاء ڪيترا ڪُڌا ڪم ڪري ٿو, ايتري تائين جو چند درهمن جي عيوض پنهنجي ضمير عزت غيرت وڪرو ڪري ڇڏين ٿا, ڀوتارن خلاف  اها ته همت ناظم جوکئي کان اڳ ۾ ٿيڻ گهرجي ها جڏھن سابق چيف جسٽس ثاقب نثار عرب شهزادن توڙي سڀني ملڪي ايجنٽن معرفت پرديسي پکين جي شڪار تي جيڪا پابندي هنئي ان تي ذري برابر به عمل نه ٿيڻ جو نتيجو اهو ئي نڪتو ته نوجوان ناظم جوکيو جي املھ زندگي عرب شهزادن ۽ درهمن جي لالچ ۾ اکيون ٻوٽي ويٺل سنڌ جي ڀوتارن ۽ سندن عياشين جي ور چڙھي وئي پوري سنڌ ان صدمي ۾ ورتل آهي ته آخر اسانجو ڀوتارڪو نظام چند درهمن عيوض پنهنجي عزت ضمير غيرت جو سودو عرب شهزادن جي عياشين حوالي ڪري ڇڏيو آهي ۽ ان بي ضمير ڀوتارڪي نظام ۾  نوجوان ناظم جوکئي جو ٿيل ناحق خون تاريخ جي سونهري لفظن ۾ لکيل رهبو جنهن جي خون جي تُھمت عربن جي عياشي ۽ سنڌ جي سماج تي بدنما ڪاري داغ جيان نشان طور چپٽيل رهندي. 

عام طور سياري جي موسم لطف اندوز موسم هجي ٿي جتي هرانسان سردي کي پسند ڪري ٿو ته جنگلي جيوت آبي حيات به سردي جو مزو ماڻڻ لاء سير تفريح تي وڏن وڏن ڊگهن سفرن تي نڪري پون ٿا ايئن ئي عرب خليج جي ملڪن جي عرب شهزادن جون جسماني توڙي ماحولياتي عياشيون به اوج وٺن ٿيون سياري جي موسم ۾ هر سال پاڪستان جي باراني توڙي زرعي علائقن ڍنڍن توڙي دريائن تلائن تي جڏھن سياري جون سرد راتيون شروع ٿين ٿيون تڏھن پرديسي پکي به پنهنجا ولر واري پهچن ٿا, جنهن پکين کي امن محبت جي پيغام جي لقب سان سڏيو وڃي ٿو, انهن لاء ماري موت جا ڄار وڇائي ويهن ٿا موسمي حالتن پٽاندر جڏھن يورپ ۽ اترين ملڪن ۾ ٿڌ وڌي برفباري جي شڪل وٺي ٿي تڏھن انهن خوبصورت پکين کي پنهنجن ملڪن جي موسم ساز نٿي لڳي ۽ هو پاڪستان جي خشڪ ريگستاني ۽ ميداني علائقن توڙي ڍنڍن تي اچي ديرا ڄمائين ٿا جنهن ۾ ڪاڇو ڪوهستان ٿر جا ريگستان علائقا انهن پرديسي پکين جي رهائش جون موزون رهائشگاهون هجن ٿيون, جتي نومبر کان ڊسمبر تائين ھي مھمان ٿي آيل پکي سنڌ جي علائقن ۾ عرب شهزادن جي درهمن جي لالچن ۾ وڪوڙيل ظالم مارين ۽ ڀوتارن جي انا جي ور چڙھي عرب شهزادن جي بازن جي چنبن ۾ شڪار ٿيو وڃي ٿو ۽ عرب عيش پرست شڪارين جي شڪار کي آسان بڻائڻ لاء سنڌ جا ڀوتار ڪڍ لڳي سندن انهن جي رهائشگاهن سميت تمام عياشي جي نظامن جو انتظام ڪري انهن علائقن کي نوگوايريا بڻائي ڇڏين ٿا جتي کين عام ماڻھون کي پير رکڻ جي اجازت نٿي ڏني وڃي شڪار گاهون ۽ عربن جون ٽينٽ بستيون سنڌ جي ماڻھن لاء جي ايڇ ڪيو ۽ ريڊ زون کان وڌيڪ علائقا قرار ڏنا وڃن ٿا ۽ عربن جي رهائشگاهن کي محفوظ بڻائڻ وزير اعظم جي سيڪيورٽي جيترا فول پروف انتظام ٿيل هجن ٿا ۽ انهن ريڊزون بڻايل عرب شڪارين جي رهائشگاهن تي شڪار کان علاوه هر انهن جي فرمائش پوري ۽ خاطر داري پڻ ڪئي وڃي ٿي عرب شيخ ته غير ملڪي آھن پر انهن جون عياشيون پوريون ڪرڻ لاء اسانجا حڪمرانن قانون کان مٿانهان ڪم ڪري به انهن شهزادن جي شوق ۾ ڪا ڪسر نٿا ڇڏين پوء ان ۾ عزت ضمير جو به سودو ڪيو وڃي ٿو عرب شهزادن جي غير قانوني طريقن سان شڪار تي سابق چيف جسٽس سپريم ڪورٽ جي جج چوڌري افتخار پڻ پابندي عائد ڪئي پر  پاڪستان سرڪار کان شڪاري اجازت نامه وٺي سنڌ اندر خصوصي طور تي عرب شهزادن ملڪ جي حڪمرانن جا کيسا گرم ڪري سپريم ڪورٽ جي حڪمن تي پاڻي هارائي ڇڏيو سمجهڻ جي ڳالھ اها آهي ته جنهن ملڪ صوبي جو قانون غير ملڪي عرب شهزادن جي شوق شڪار کان به گهٽ اهميت رکندو هجي ان ملڪ ۽ معاشري ۾ نوجوان ناظم جوکيو جهڙا ڳڀرو سنڌ جي سردارن هٿان ڪيئن نه قتل ٿيندا ناظم جوکئي جو بي رحماڻو قتل سنڌ جي هر ان مظلوم لاء ھڪ سنيهو ڇڏيو آهي ته عزت ضمير ۽ غيرت کان وڌيڪ سرداري قانون ناهي جيڪڏھن سنڌ جي عزت ۽ ضمير کي  بااثر ڀوتارن هٿان بي ضمير نموني نيست ۽ نابود ڪيو ويو ته آچار سالار ڳوٺ واري واقعي جهڙا واقعا روايت بڻجي ويندا سو اهڙن واقعن کي ٻنجو ڏيڻ لاء اسانجي عدالتن کي اکيون کولڻ گهرجن جيئن ايندڙ وقت ۾ اهڙن سانحن کي روڪي سگهجي.

دنيا جي ترقي يافته ملڪن ۾ جھنگلي جيوت سميت انسانيت جو قدر ۽ قيمت هجي ٿو پر هتي اسانجو قدر عزت ضمير جو سودو جاگيرداري ۽ سرداري نظام جي عتاب هيٺ رهيو آهي جيڪي پاڻ ته پنهنجي رعيت جو عزتون لُٽين ٿا پر ڌارين کي به پنهنجو ضمير غيرت وڪڻين ٿا انهن ڀوتارن ۽ سردارن کي اهو سوچڻ گهرجي ته قومن جي غيرت ۽ تحفظ جي رکوالا بڻجي پوء به غيرن جي عياشين کي لڪائڻ لاء سنڌ جي عزت داءُ تي لڳائڻ کان پهرين اهو سوچڻ ضرور گهرجي ڪُجھ درهمن عيوض غير ملڪين وٽ پنهنجو ضمير وڪامي پنج هزار سال تهذيبي روايتن کي داغدار نه بڻايو وڃي سنڌ جي عزت غيرت غير ملڪين جي عياشين جي ور نه چاڙهيو هڪ طرف ناظم جوکئي جي قتل ملڪ جي لاقانونيت کي وائکو ڪندي اهو ظاهر ڪيو ته هتي جون عدالتون ۽  انصاف صرف اميرن جي ڏنڊي هيٺ فيصلا ڏيڻ ۽ غلامي ڪرڻ لاء ٺاهيو ويو آهي غريب لاء الڳ امير لاء الڳ قانون ۽ انصاف آهي هر باشعور ماڻھون کي ملڪ جي يرغمال بڻيل عدالتي نظام ۽ ناظم جوکئي جي قتل خلاف سنڌ اندر لاڳو ٿيل بااثر سرداري نظام کي بي اثر ثابت ڪرڻ لاء  سڄي سنڌ جي شعور کي سگهارو آواز بڻائڻ گهرجي.

پهنجو تبصرو موڪليو