نوجوانونوڪرين جي چڪر ۾ پوڻ بدران هنر سکو، پليجو

حيدرآباد (بيورو رپورٽ) قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجي سنڌ جي نوجوانن سان مخاطب ٿيندي چيو آھي تہ نوجوانو پڙھو، ڪم سکو، ٻاھر نڪرو، انجنيئرنگ، وڪالت، ميڊيڪل، بزنس، آءِ ٽي پڙھو، سي ايس ايس، ڊپلوماز، اسٽيوٽا ڪورسز ڪيو، ڳوٺن مان شھرن ۾ اچو، پرڏيھ وڃو، ڪاروبار ڪيو، ٻيو ڪو رستو ناھي.اياز لطيف پليجي چيو آھي تہ تعليم کان سواء اڳتي نٿو وڌي سگھجي۔ ڪرپشن، انتھاپسندي، خراب حڪمراني جو تعليم ۽ ميرٽ سان مقابلو ڪري سگھجي ٿو۔ والدين پٽن سان گڏ نياڻين کي بہ لازمي تعليم ڏيارين۔ معمولي نوڪرين لاء حڪمرانن جي بنگلن جا چڪر ھڻڻ بدران لائبريرين ۾ وڃي سي ايس ايس ۽ پي سي ايس جي تياري ڪئي وڃي۔ نوجوان ۽ ڇوڪريون ٻاھرين ملڪن ۾ اعلي تعليم لاء اسڪالرشپ جي ڪوشش ڪن۔ سنڌ جي نوجوانن ۽ نياڻين جو بھتر مستقبل حڪمرانن جي ايجنڊا تي ناھي۔ اياز لطيف پليجي چيو تہ سنڌ جو مستقبل نوجوانن سان جڙيل آھي۔ اھي تعليم ذريعي سڀاڻ جا ديانتدار انتظامي آفيسر ٿي سگھن ٿا۔ ڊاڪٽر، وڪيل، استاد ۽ ٻين شعبن ۾ اھم مقام حاصل ڪري سگھن ٿا۔ اعلي تعليم سان ڪرپشن ۽ خراب حڪمراني جو خاتمو ممڪن آھي۔ اياز لطيف پليجي چيو تہ دنيا ۾ وڏيون تبديليون ۽ اھم مقام ھارين ۽ مزدورن جي اولاد ماڻيو آھي۔ مشڪل حالتن کي طاقت ۾ تبديل ڪرڻ ممڪن آھي۔ احساس محرومي شڪست آھي۔ پئسو سڀ ڪجھ ناھي۔ اٽل ارادا ناممڪن کي ممڪن بنائي ڇڏين ٿا۔ انڪري نوجوان ڇوڪرا ۽ ڇوڪريون اعلي تعليم ۽ روشن مسقبل لاء اڳتي اچن۔ حڪمرانن جو آسرو نہ ڪن۔ حڪمران چاھين ھا تہ اسڪولن ۾ بنيادي سھولتون ھجن ھا۔ استادن جي کوٽ نہ ھجي ھا ۽ سنڌ جو تعليمي نظامي عالمي معيار جو ھجي ھا۔ پر حڪمران چاھين ٿا تہ سنڌ جا ماڻھو انھن جي ڪوڙن نعرن ذريعي انھن جا غلام ۽ محتاج رھن۔ انھي انسان دشمن ۽ سنڌ دشمن سازش کي ناڪام ڪرڻ جي ضرورت آھي۔ اياز لطيف پليجي چيو تہ ملڪ نازڪ حالتن مان گذري رھيو آھي۔ ماضي جا حڪمران عالمي سامراجي ڊڪٽيشن قبول ڪرڻ کان انڪار ڪن ھا تہ اڄ ملڪ پنھنجي پيرن تي بيٺل ھجي ھا ۽ ادارا وڌيڪ مستحڪم ھجن ھا۔ خراب معاشي پاليسين جى ڪري غربت، بيروزگاري ۽ بدحالي آھي۔ معاشي پاليسيون عوام دوست ناھن۔

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو