نوجوانن کي هڪ صلاح ته تعليم سان گڏ هنر ضرور سکو

محمد خالد ميمڻ
چوندا آهن ته هنر بادشاه آهي ۽ هنرمند انسان ڪڏهن به ڪٿي به بک نه مرندو ان چوڻي تي چائنه وارن سميت ٻين سڌريل ملڪن عمل ڪيو آهي ۽ تعليم سان گڏ هنر هجڻ وارن ملڪن جي ماڻھن جي جتي ڪٿي ضرورت آهي ۽ اهي ڄڻ ته بادشاه لڳا پيا آھن پر بدقسمتي سان اسان جي ملڪ ۾ تعليم سان گڏ هنر سکڻ ڏانهن بلڪل ڌيان ناهي نوجوان هنر کي ڇڏي رڳو سڌي سنئين تعليم حاصل ڪن ٿا ۽ جڏهن اڳتي ڪنهن اداري ۾ نوڪرين لاء اپلائي ڪن ٿا ته اتي ته تعليم سان گڏ ڪونه ڪو هنر جيئن ڪمپيوٽر شارٽ هينڊ ٽائيپنگ وغيره به گهريو ٿو وڃي ۽ اهي هنر نه هجڻ ڪري کين نوڪريون به نه ٿيون ملن ۽ هنر نه هجڻ سبب اهي پنهنجو ڪو ڪاروبار به نه ٿا ڪري سگهن ۽ پوء هر جاء تي قسمت آزمائڻ ۽ ناڪام ٿيڻ ڪري ڪي ته ويچاره خودڪشيون ڪرڻ تي مجبور ٿي ٿا پون ۽ ڪي وري وڏيرن ڀوتارن سردارن اڳيان نوڪر ٿي ڪم ڪن ٿا ڪمپيوٽر ٽائپنگ شارٽ هينڊ کانسواء ٻيا به هنر آهن جن ۾ اليڪٽريشن ريفريجريشن آٽو مڪينڪ سول انجنيئرنگ وغيره شامل آهن ان سلسلي ۾ گذريل ڏينهن مون وٽ منهنجو هڪ دوست سائين عبدالرحمان خاصخيلي جيڪو گورنمينٽ ووڪيشنل ٽريننگ سينٽر نوشهروفيروز جو پرنسپال آهي ۽ هڪ وڏو محنتي هڏڏوکي انسان آهي ۽ سگا شاخ درياخان مري جو صدر پڻ آهي اهو آيو هو ۽ ان موضوع تي ساڻس ڳالھ ٻولھ به ٿي ان ٻڌايو ته ان اداري جنهن ۾ هو پاڻ پرنسپال آهي ان ۾ ڪمپيوٽر آپريٽر جنرل اليڪٽريشن ريفريجريشن اينڊ ايئرڪنڊشن آٽو مڪينڪ ۽ مشينسٽ ۾ هڪ سال جو ڪورس ڪرايو پيو وڃي ان لاء مان چاهيان ٿو ته اسان جا ميٽرڪ ۽ مڊل پاس شاگرد داخلائون وٺن ۽ اسان جي اداري ۾ مقرر ماهر استادن جي زيرنگراني اهي هنر سکي ٻاهرين ملڪن ڏانهن وڃن يان وري پنهنجو دڪان پنهنجو ڪاروبار کولي ترقي حاصل ڪن پاڻ مون کي داخلائن واسطي ڇپرايل هينڊ بل پرچا به ڏنائين ۽ تاڪيد ڪيائين ته اهي پرچا نوجوان تائين پهچايان ته جيئن اهي داخلا فارم جي آخري تاريخ 26 ڊسمبر کان اڳ پهچي مختلف هنرن واري شعبن ۾ داخلائون وٺن ته جيئن ڪلاسن جو جنوري 2023 تي آغاز ڪيون سائين عبدالرحمان خاصخيلي جي ڳالھ مون کي تمام گهڻي وڻي ۽ مون سوچيو ته واقعي به اگر اسان جا نوجوان تعليم سان گڏ اگر اهي هنر به سکي وڃن ته اڳتي سندن زندگي ڪيتري نه سڦل ۽ آسان ٿي پوندي ۽ اگر ڪو هنرمند پڙهيل لکيل نوجوان ٻاهرين ملڪ وڃي ڪمائڻ چاهي ته به ڪمائي ترقي جون منزلون آساني سان طئي ڪري سگهي ٿو ان لاء اسان جي اڳيان خاص طور چين ملڪ جي ماڻھن جو هڪ وڏو مثال موجود آهي ته انهن وٽ هر تعليم يافته نوجوان کي سندس ذهن ۽ خواهش مطابق ڪونه ڪو هنر ضرور سيکاريو ويندو آهي ۽ ان هنر جي ڪري اڄ چين جي ماڻھن جو دنيا جي هر ملڪ جي مارڪيٽن آفيسن اندر وڏو ڌاڪو آهي هر پنج روپين جي ڪنهن شئ کان وٺي ڪري لکين روپين واريون شيون ميڊ ان چائنا آهن ۽ چين هڪ سپرپاور ملڪ طور سڄي دنيا جي ملڪن جي اڳواڻي ڪري ٿو پيو ان لاء اسان جي تعليم يافته نوجوانن خاص طور سنڌ جي نوجوانن کي هنر ضرور سکڻ گهرجي ڇوته ٻين صوبن خاص طور پنجاب جا رهاڪو گهڻي ڀاڱي ان تي عمل ڪندي ملڪ ۽ ملڪ کان ٻاهر وڃي ڪمائين پيا ۽ ٻاهريون ناڻو ملڪ ڏانهن موڪلين پيا پر اسان سنڌ واسي ان ۾ پوئتي رهجي ويا آهيون انڪري سنڌ واسين کي گهرجي ته تعليم سان گڏ هنر ضرور سکن ۽ ان هنر سکڻ لاء ملڪ جي اندر ڪيترائي ووڪيشنل ٽريننگ سينٽر موجود آهن انهن ۾ داخلائون وٺي هنرمند ٿي ڪري ترقي ڪن ۽ هتان جي ڀوتارن سردارن وڏيرن جي غلامي مان به نڪري وڃن #

پهنجو تبصرو موڪليو