نواز شريف ٽي وي تي بلاول سان بحث ڪري: ڪنڊي

لاهور (ويب ڊيسڪ) پيپلز پارٽي جي اڳواڻ چيو فيصل ڪريم ڪنڊي چيو آهي ته نواز شريف کي گھرجي ته بلاول ڀٽو زرداري سان ٽي وي تي بحث ڪري. پنهنجي بيان ۾ فيصل ڪريم ڪنڊي جو چوڻ هو ته احسن اقبال جي ڪاوڙ ثابت ڪري ٿي ته نواز شريف بحث ۾ بلاول کان هارائجي ويندو، بلاول جي خواهش آهي ته سندس مخالف عوامي عدالت ۾ اچي پاڻ کي پيش ڪن.هن چيو ته پ پ جي حڪومت ملازمن جي پگھار 200 سيڪڙو وڌائي هئي، بلاول ڀٽو زرداري جي عوامي ڀلائي واري منشور مخالفن کي پريشان ڪري ڇڏيو آهي،نواز شريف جڏهن به اقتدار ۾ آيو ملازمن جي برطرفين جو طوفان مچايو، نواز شريف کي گھرجي ته بلاول ڀٽو زرداري سان ٽي وي تي بحث ڪري.

پهنجو تبصرو موڪليو