نقوي جي عماد شڪيل سان ملاقات، رانديگرن لاءِ 10 لک انعام جو اعلان

نقوي جي عماد شڪيل سان ملاقات، رانديگرن لاءِ 10 لک انعام جو اعلان

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ)پاڪستان هاڪي ٽيم جي ڪپتان عماد شڪيل بٽ وفاقي گهرو وزير ۽ پي سي بي چيئرمين محسن نقوي سان ملاقات ڪئي ۽ قومي هاڪي رانديگرن جي ڀلائي ۽ پرو هاڪي ليگ جي معاملي تي ڳالهه ٻولهه ڪئي. پي سي بي چيئرمين محسن نقوي هاڪي رانديگرن لاءِ 10 ملين رپين جي انعام جو اعلان پڻ ڪيو. لاهور ۾ وفاقي گهرو وزير ۽ پي سي بي چيئرمين محسن نقوي سان ملاقات ۾ قومي هاڪي ٽيم جي ڪپتان عماد شڪيل بٽ کيس نشان امتياز ملڻ تي مبارڪباد ڏني. عماد بٽ محسن نقوي کي هاڪي جي راند جي بحالي ۽ پرو هاڪي ليگ ۾ حصو وٺڻ جي معاملن تي آگاهه ڪيو. انهن هاڪي رانديگرن جي ڀلائي ۽ بحالي جي مسئلن تي پڻ بحث ڪيو. ان موقعي تي ڳالهائيندي محسن نقوي چيو ته هاڪي رانديگرن جي طبي ۽ فٽنيس جا ڪيس پي سي بي جي پيشيور ميڊيڪل ٽيم سنڀاليندي. هاڪي رانديگرن جي ويزا جا مسئلا پڻ حل ڪيا ويندا. اسان جي لاجسٽڪ ٽيم ان حوالي سان هاڪي رانديگرن کي سهولت فراهم ڪندي. محسن نقوي هاڪي جي راند جي بحالي لاءِ هر ممڪن سهڪار جو يقين ڏياريو ۽ چيو ته پرو هاڪي ليگ لاءِ ڪواليفائي ڪرڻ قومي ٽيم لاءِ اعزاز جي ڳالهه آهي، مان پرو هاڪي ليگ ۾ قومي ٽيم جي شموليت کي يقيني بڻائڻ لاءِ پنهنجي پوري ڪوشش ڪندس.

پهنجو تبصرو موڪليو