نر ٻار پيدا ڪرڻ وارو ڪروموزومY تيزي سان زوال پذير

اسلام آباد(رپورٽ اياز مهر) سائنسدانن تازي تحقيق ۾ ٻڌايو آهي ته نر ٻار پيدا ڪرڻ وارو ڪروموزوم واءِ Y تيزي سان زوال پذير آهي ۽ خيال آهي ته 45 لک سالن بعد شايد هي جزو مڪمل طور ختم ٿي وڃي. نيچر نالي سائنسي جرنل ۾ شايع ٿيل تازي تحقيق ۾ ٻڌايو ويو آهي ته ان جي متبادل طور نئون جين جنم وٺي سگهي ٿو. رپورٽ موجب سٺي خبر اِها آهي ته ڪوئن جون ٻه شاخون اهڙيون آهن جيڪي اڳ ۾ ئي پنهنجو Y ڪروموزوم وڃائي چڪيون آهن

نيشنل اڪيڊمي آف سائنس جي پروسيڊنگس ۾ هڪ تازو پيپر ٻڌائي ٿو ته ڪيئن اسپائني چوٿون هڪ نئين نر جو تعين ڪندڙ جين ٺهي ٿو. ياد رهي ته انسانن سميت ڪيترن ميملز ۾ ايڪس ۽ واءِ ڪروموزومز هوندا آهن. پر ڪيترن پکين، ڏيڏرن، مڇين ۽ نانگن ۾ ڪروموزومز مختلف هوندا آهن. آهي. ڪيئن Y ڪروموزوم انساني جنس کي طئي ڪري ٿو. انسانن جيان ميملز جي مادي جنس ۾ ٻه X ڪروموزوم هوندا آهن ۽ نر وٽ هڪ واحد X ۽ هڪ ننڍڙو ڪروموزوم Y سڏيو ويندو آهي. اهڙن نر مادي جي ميلاپ سان Y ڪروموزوم 12 هفتن بعد نر ٻار جي شڪل اختيار ڪندو آهي. واءِ ڪروموزوم جي نشاندهي نوجوان آسٽريلوي سائنسدان 1990 ۾ ڪئي هئي.

پهنجو تبصرو موڪليو