نجي اسڪولن ۽ نجي اسپتالن جو ڌنڌو ۽ عوامي اهنج

ليکڪ  محمد خالد ميمڻ
هر ملڪ جي هر انسان جي لاء ٻين ضرورتن سان گڏ تعليم ۽ صحت انتهائي اهم بنيادي ضرورتون ھونديون آھن ترقي يافته ملڪن ۾ ته ٻين ضرورتن سان گڏوگڏ صحت ۽ تعليم به رياست پنهنجي ذمي کڻي ايمانداراڻه نموني سان عوام کي بهتر طريقي سان پهچائي پنهنجو فرض پورو ڪن ٿا پيا پر بدقسمتي سان اسان جي ملڪ پاڪستان ۽ وري خاص طور سنڌ اندر اهي ٻئي شعبا هڪ منافع بخش ڪاروبار بڻجي ويا آھن ۽ ان ڪري سنڌ جي هر ننڍن توڙي وڏن شھرن ۾ ڪيترائي نجي اسڪول ۽ پرائيويٽ ميڊيڪل سينٽر کلي ويا آھن هر شھر ۽ ڳوٺن ۾ ايترا سرڪاري اسڪول يان اسپتالون ڪونه آھن جيترا پرائيويٽ اسڪول ۽ پرائيويٽ ميڊيڪل سينٽر آھن ۽ مالي طور سگهارا ماڻھو تعليم ۽ صحت واري شعبي ۾ هڪ دفعو پنهنجو پيسو سيڙائي باقي سڄي زندگي ويٺا ٿا کائين انهن ۾ ڪجھ اهڙا به ضرور آھن جيڪي انسانيت جي ناتي صحت جون سهولتون ۽ قوم کي سٺي ۽ معياري تعليم ڏيڻ واسطي به ادارا کوليو ويٺا آھن پر اڪثريت ڪاروباري حساب سان پيسا ڪمائڻ لاء ادارا کولي هلائي رهيا آھن ۽ اهڙن ادارن ۾ عام غريب مسڪين مارو ماڻھن کي نه تعليم ۽ نه ئي صحت جون سهولتون ميسر ٿين ٿيون ڇوته انهن ۾ گهڻو پيسو کپي جيڪو انهن وٽ ناهي هوندو ڇوته صحت ۽ تعليم پرائيويٽ ٿيڻ ڪري تمام مهانگيون ٿي ويون آھن مان سمجهان ٿو ته ان ۾ اسان جي سرڪار ڏوهاري آھي جيڪڏهن اسان جي رياست جنهن تي عوام کي بنيادي سهولتون پهچائڻ فرضن ۾ شامل آھي اها رياست عوام کي ٻيون ته سهولتون ڇڏيو پر اهي تعليم ۽ صحت به بهتر نموني سان نه ٿي پھچائي اوهان هر شھر هرڳوٺ ۾ وڃو اتان جا سرڪاري اسڪول ۽ اسپتالن تباه و برباد لڳا پيا آھن ڪٿي ته اسڪول مال جا وڙا اوطاقون ۽ اسپتالن تي قبضه لڳا پيا آھن ۽ جتي وري اسڪول ۽ اسپتالون هلن ٿيون ته اتي وري اهي مختلف مسئلن جو شڪار آھن جيئن اسڪولن ۾ ڪمرن,استادن,فرنيچر جي کوٽ ته وري اسپتالن ۾ دوائن,ڊاڪٽرن,۽ ٻين سهولتن جي کوٽ آھي ۽ سرڪاري اسڪولن ۽ اسپتالن جي سارسنڀال بلڪل به ڪونه آھي ڪوبه ڪنهن کان پڇڻ وارو ڪونه آھي بس سسٽم پاڻمرادو پيو ٿو هلي جيڪو ڏاڍو سو گابو جي مطابق نظام هلي ٿو پيو رياست جا اڳواڻ رڳو هڪٻئي تي الزام لڳائي رهيا آھن هنن تي جيڪي فرض عائد ٿين ٿا اوڏانهن انهن جو بلڪل به ڌيان ڪونه آھي انڪري سرڪاري اسپتالن ۽ سرڪاري اسڪولن جي اهڙي صورتحال جي هجڻ ڪري ئي پرائيويٽ اسڪول ۽ اسپتالون وڌي رهيون آھن اهو هڪ منافع بخش ڪاروبار بڻجي ويو آھي ۽ هڪ ڪاروباري ماڻهو ڪڏهن به ڪنهن به صورت ۾ پاڻ کي نقصان نه ڏيندو آھي انڪري ئي ته روزانه خبرون ٻڌنڌا آھيون ته فلاڻي نجي اسپتال ۾ اسپتال جو بل ادا نه ڪرڻ جي ڪري لاش وارثن کي نه ڏنو ويو ۽ فلاڻي نجي اسڪول ۾ شاگردن کي اسڪول جي فيس نه ڀرڻ جي ڪري کين نيڪالي ڏني وئي جنهن جو جيترو به ڏک ۽ افسوس ڪجي اهو گهٽ آھي ان جي لاء رياست کي گهرجي ته ڪجھ عوام جو سوچي عوام کي بنيادي سهولتون جيڪي سندن تي فرض آھي اهي مهيا ڪري خاص ڪري تعليم ۽ صحت جهڙيون اهم ضرورتون مفت مهيا ڪيون وڃن سرڪاري اسڪولن ۽ اسپتالن کي باقائدي هلايو وڃي ۽ سرڪاري اسپتالن ۽ اسڪولن ۾ جيڪي مسئلا آھن جيڪي سهولتن جي کوٽ آھي اها پوري ڪئي وڃي ۽ انهن اهم ادارن کي ائين بي يارو مددگار نه ڇڏيو وڃي جيڪي انهن ادارن جي مٿان آفيسر عملو رکيل آھي انهن کي روزانه جي بنياد تي وزٽ جو پابند بڻايو وڃي ته جيئن سرڪاري اسپتالن ۽ سرڪاري اسڪولن جي حالت سڌري ۽ انهن جي مسئلن جي خبر پئجي سگهي پوء انهن جا مسئلا پڻ حل ڪيا وڃن ۽ گهٽ ۾ گهٽ پهرين درجي کان مئٽرڪ تائين سڀني سرڪاري ملازمن سيڪريٽري ليول کان پٽيوالي تائين جي اولاد ۽ سياستدانن,واپارين سميت سڀني جي اولاد کي سرڪاري اسڪولن ۾ داخلا جو پابند ۽ سرڪاري اسپتالن ۾ علاج ڪرائڻ جو پابند بنايو وڃي پوء ڏسو ته ڪيئن ٿا اهي منافع بخش نجي اسڪول ۽ نجي ميڊيڪل سينٽر هلڻ پاڻھين بند ٿي ويندا ۽ عوام کي تعليم ۽ صحت جون مفت سهولتون ملڻ سان اهي به سک سان رهي سگهندا #

پهنجو تبصرو موڪليو