ناصر شاهه پاران سر آدم جي پارڪ جو افتتاح

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي مڪاني کاتي واري وزير سيد ناصر حسين شاهه اوکائي ميمڻ جماعت ۽ جيتپور ميمن ايسوسيئيشن جي سھڪار سان تعمير ڪيل سر آدم جي پارڪ جو افتتاح ڪري ڇڏيو. ان موقعي تي وزيراعليٰ سنڌ ڪوآرڊينيٽر شهزاد ميمڻ ، صدر اوکائي ميمڻ جماعت عبدالوحيد ميمڻ، صدر جيتپور ميمڻ ايسوسيئيشن آصف مجيد ، آباد جو محسن شيخاڻي ، اقبال آدم جي ، حاجي طيب ، عارف مجيد ، عارف شيخاڻي ، حنيف گوڪلاڻي ، الطاف طائي ، صدر پ پ پ سينٽرل ضلعو ظفر صديقي ، ڊپٽي ڪمشنر سينٽرل ڊاڪٽر راجا ايم بي ڌاريجو ، ايم سي سينٽرل محمد علي زيدي ۽ ٻيا موجود هئا. پارڪ جي افتتاحي تقريب ۽ ميڊيا سان ڳالهائيندي صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاهه چيو ته سر آدم جي نالي سان منسوب  پارڪ جو افتتاح ڪرڻ سندس لاءِ اعزاز  جي ڳالهه آهي، سر آدم جي قائداعظم جي ساٿي رهيا آهن انھن جون پاڪستان جي لاءِ خدمتون وسارڻ جوڳيون ناهن. اسان سڀني جي ذميواري آهي ته اسان پنھنجي قومي ھيروز سان منسوب ٿيل ھنڌن جي سنڀال ڪيون. هن چيو ته ھن جا ء  جي حالت تمام خراب هئي. اوکائي ميمڻ جماعت ۽ جيتپور ميمڻ ايسوسي ايشن هن پارڪ جي بحالي ۾ تمام وڏو ڪم ڪيو آهي. هن چيو ته حسين آباد جي مين روڊ کي بهتر ڪيو ويو آهي ۽ ٽرئفڪ جي مسئلن ۾ گهٽتائي ٿي آهي. سنڌ حڪومت چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي ويزن مطابق پوري صوبي کي ٺاهيندي ۽  سينٽرل ضلعو تمام گهڻي ترقي ڪندو. صوبائي وزير چيو ته اسان وٽ ضلعي سينٽرل ۾ ڪوبه ايم پي اي يا ايم اين اي ناهي ،  هن ضلعي ۾ اسان جو صرف هڪ يونين ڪائونسل چيئرمين رهيو آھي. ان جي باوجود به ضلعي ۾ ڪروڙي روپين جا ترقياتي ڪم ڪرايا آهن. صوبائي وزير چيو ته ڪجهه ڏينهن کان پريس ڪانفرنسن ۾ لسانيات جون ڳالهيون ڪيون پيون وڃن. جڏهن اھي  پنھنجي قائد کان ڌار ٿي ويا آهن ، ته پوء ان جي سوچ کان به پاڻ کي پري ڪن ۽ ڀتا خوري، ٻوري ۾ بند لاشن ۽ لساني ذهنيت کي ختم ڪن. اوھان اسان جا ڀائر آهيو ، جڏهن توهان قومي ڌارا ۾ آيا آهيو، ته پوءِ خدارا  پنهنجي ذهنن ۾ تبديلي آڻيو ۽ اچو ته شهر جي بهتري لاءِ گڏجي ڪم ڪريون ، هن چيو ته سڀ فيصلا اين سي او سي جي گائيڊ لائينز جي تحت ڪيا ويندا آهن ، ڏکيا فيصلا آهن. اسان واپاري برادري جي ڏکيائين کان واقف آهيون. سنڌ بئنڪ ذريعي واپاري برادري جي مدد ڪئي پئي وڃي. تقريب کي خطاب ڪندي اوکائي ميمڻ جماعت جي صدر عبدالوحيد ميمڻ چيو ته ميمڻ برادري جو ملڪ جي ترقي ۾ اهم ڪردار آهي ، ڪجهه ماڻهو واپاري برادري کي استعمال ڪرڻ لاءِ ڪوشش ڪري رهيا آهن. اسان وفاقي ۽ سنڌ حڪومت سان گڏ آهيون ، شهر جي امن کي خراب ٿيڻ نه ڏينداسين. جيتپور ميمڻ ايسوسي ايشن جي صدر آصف مجيد چيو آهي ته ھي پارڪ سنڌ حڪومت سان گڏجي قائم ڪيو ويو آهي ، هن چيو ته 100 اهڙا پارڪ ڪراچي شهر کي ڏئي سگهون ٿا. آخر ۾ سنڌ جي صوبائي وزير بلديات سيد ناصر حسين شاهه ۽ ٻين مهمانن کي اوکائي ميمڻ جماعت ۽ جيتپور ميمڻ ايسوسيئيشن پاران شيلڊون پيش ڪيون ويون.

پهنجو تبصرو موڪليو