مڇرن ۽ مکين کان مستقل نجات، جرمني ۾نئين مشين ايجاد ٿي وئي

فرينڪفرٽ (م ڊ) هاڻي مکين ۽ مڇرن سبب پريشان ٿيڻ جي ضرورت ناهي، ڇو ته جرمني جي ٻن انجنيئرز مکين، مڇرن ۽ ٻين اڏامندڙ جيتن کي مارڻ لاءِ هڪ موثر مشين تيار  ڪري ورتي  آهي. هي مشين هلڪي ڦلڪي آهي ڪٿي به رکي سگهجي ٿي ۽ سفر ۾ ساڻ به کڻي سگهجي ٿي. مکين ۽ مڇرن کان ڇوٽڪاري لاءِ اسين جيڪي اسپري، لوشن ، جليبي يا ٽڪيون وغيرو استعمال ڪريون ٿا انهن ۾ ڪيميڪل هوندو آهي، جنهن ڪري بوءِ وغيره ڦهلجي ٿي ۽ ماحول به خراب ٿئي ٿو پر هي مشين بنا ڪيميڪل جي اهو ڪم ڪري ٿي. يو ايس بي پلگ ذريعي هلندڙ هي مشين هڪدم مکين، مڇرن ۽ اڏامندڙ جيتن کي پاڻ ڏانهن چقمق وانگر ڇڪي ماري ٿي ڇڏي. اڳ ۾ هن مشين جي قيمت 25 هزار کان مٿي هئي پر هاڻي 89 ڊالر ۾ ملي ٿي يعني تقريبا ساڍا ٻارنهن هزار روپيا. مائيڪرو سوفٽ جي باني بل گيٽس تازو لکيل هڪ بلاگ ۾ چيو هو ته دنيا ۾ ٿيل جنگين ۾ ۽ جانورن هٿان ايترا ماڻهون نه مئا آهن جيترا مڇرن سبب مليريا جي ڪري مئا آهن. دنيا ۾ يو وي (الٽرا وائلٽ) ٽيڪنالاجي تي هلندڙ هن جهڙيون مشينون 250 ڊالر ۾ وڪرو ٿي رهيون آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو