مٺي جي اڪثر ڳوٺن ۾ مورن ۾ پراسرار بيماري

بدين(رپورٽ مرتضيٰ ميمڻ) نندولڳ مٺي جي اڪثر ڳوٺن ۾ مورن ۾ پراسرار بيماري، ڪيترائي مور مري ويا،اطلاع ڏيڻ باوجود به عملو نه پهتو تفصيل موجب نندو لڳ يونين ڪائونسل مٺي 3 جي اڪثر ڳوٺن ڪٽو شاهاڻي،علي پنهور، هاشم شھاڻي،حاجي پنهور سميت اڪثر ڳوٺن  ۾ مور پکين ۾  پراسرار بيماري ڦهلجڻ سبب پنجاهه کان مٿي مور مري ويا آھن جڏهن ته ڪافي مور بيماري پڻ ٿي پيا آھن انهي سلسلي ۾ ڳوٺاڻن هر هڪ موسيٰ شاهاڻي،هيسب شاهاڻي، نور احمد پنهور ۽ غلام رسول شاهاڻي ۽ ٻين صحافين کي ٻڌايو ته گذريل هڪ مهيني کان مور پکين ۾ پراسرار بيماري ڦهلجي ويئي آھي جنهن سبب مور پکي جون اکيون سُڄي وڃن ٿو ۽ کائڻ پيئڻ پڻ ڇڏي ڏين ٿا،هنن ٻڌايو ته مور پکي بيماري ۾ وٺجڻ بعد ٻه کان ٽي ڏينهن ۾ مري وڃن ٿا هنن وڌيڪ ٻڌايو ته هيستائين پنجاهه کان مٿي مور پکي مري چڪا آھن جڏهن ته ڪافي بيماري جي وڙ چڙهيل آھن هنن ٻڌايو ته اسان بار بار وائيلڊ لائيف عملدارن کي بار بار اطلاع ڪيو آھي پر انهن اڄ ڏينهن تائين ڳوٺن ۾ اچڻ جي تڪليف ڪانه ڪئي آھي.

پهنجو تبصرو موڪليو