ميٽا جو ٽوئيٽر جي مقابلي ۾ ايپ جاري ڪرڻ جو اعلان

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ)مارڪ زڪربرگ ايلون مسڪ جي مائيڪرو بلاگنگ ويب سائيٽ ٽوئيٽر جهڙي نئين ويب سائيٽ لانچ ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي.نئين ايپ جو نالو ’ٿريڊز‘ آهي جيڪو خميس يعني سڀاڻي کان لائيو ٿيندو ۽ ان کي حاصل ڪرڻ لاءِ ايپل اسٽور تي پري آرڊر ڪري سگهجي ٿو.META THREADS بابت چوي ٿو ته اها هڪ “ٽيڪسٽ تي ٻڌل گفتگو ايپ” آهي جيڪا INSTAGRAM سان ڳنڍيل هوندي.ايپل اسٽور تي ايپ جي وضاحت ۾ چيو ويو آهي ته ‘ٽيڊس اهي آهن جتي ڪميونٽيز انهن موضوعن تي بحث ڪرڻ لاءِ گڏ ٿين ٿيون جن تي يقين ڪيو وڃي ٿو ته سڀاڻي جو رجحان آهي’.تنهن ڪري هن وقت لاءِ هي نئين ايپ بظاهر هڪ مفت سروس آهي ۽ ان تي ڪا به پابندي نه هوندي ته صارف ڪيترين پوسٽن کي ڏسي سگهي ٿو.

پهنجو تبصرو موڪليو