طارق راڄپر
دنيا جي ملڪن ۾ جڏھن مينھن وسندو آھي تہ ماڻھون گھرن کان ٻاھر نڪري موسم جو مزو وٺندا آھن. مينھن کي محبوب جيان محب بڻائيندا آھن. اسان جي ملڪ ۾ جڏهن مينھن وسندو آھي تہ ماڻھون يا تہ بند ٿيل گٽر کوليندا آھن يا تہ وري سامان ٻڌڻ جي ڪوشش ڪندا آھن ڪنھن ٻئي ھنڌ منتقل ٿيڻ جي لاءِ. ڇاڪاڻ تہ اسان وٽ ايترو مينھن بہ نہ وسندو آھي پر انتظاميہ جي لاپرواهيءَ جي ڪري گٽر اٿلي پوندا آھن ۽ پاڻي گھرن ۾ داخل ٿي ويندو آھي. اسان جا ماڻھون گذريل سال جي برسات کانپوء رحمت جي برساتن جي دُعا گھرندا آھن. ڇاڪاڻ تہ گذريل سال ڪيترن ئي ماڻھون جا سالن جي پورھئي مان ٺاھيل اجھا، جھوپڙيون، رھڻ جا مقام ائين ڊھي پيا جيئن ڪنھن وزني مشينن سان ان کي ڪيرايو پيو وڃي. ان برساتن ۾ ماڻھون ھڪ ھنڌ کان ٻئي هنڌ منتقل ٿيندا رھيا، ڪن کي متبادل طور جڳھ ملي وئي تہ ڪي خدائي کليل آسمان ھيٺ تنبو هڻي ويھي رھيا. پنھنجي مدد پاڻ تحت پنھنجي گھر جو ضروري سامان ۽ چوپائي مال کي متبادل جڳھ تي پھچايو.
مينھن وسڻ بعد ڳوٺن توڙي شهرن ۾ مڇرن ۽ مکين جي سلطنت شروع ٿي ويندي آھي. شھرن ۾ تہ وري بہ مڇر مار ڦوهارو ڪري ڪجھ نہ ڪجھ مڇرن تي ضابطو آندو وڃي ٿو. پر ٻھراڙيءَ وارن کي مليريا جو ٽيسٽون ڪرائڻيون پونديون آھن ۽ ان سان گڏ مالَ جو دانھون ڪوڪون ٻڌڻ ۾ اينديون آھن. ڇاڪاڻ تہ ٻھراڙين ۾ نيڪال جي نظام نہ ھجڻ جي ڪري ڏينھن جا ڏينھن، ھفتن جا ھفتا ڳوٺن ۾ پاڻي بيٺل ھوندو آھي. روڊ رستا نہ ھجڻ جي ڪري سندن جي زندگي عذاب بڻيل ھوندي آھي. ٻھراڙيءَ جا ماڻھون اڪثر غربت جي لڪير ۾ اچن ٿا. جن جو گذر سفر چوپايو مال، ان جو واپار ۽ ھارپي تي ھوندو آھي. تنھنڪري ھر ھڪ مڇر داني، مڇر مار ڦوهارو، ۽ مڇر مار لوشن وٺڻ جي سگھ نہ رکي ٿو. ٻيو تہ پاڪستان ۾ ھر ھڪ شيءِ جون قيمتون ڏينھن بہ ڏينھن آسمان سان لڳي رھيون آھن ۽ گھڻي وڪرو ٿيندڙ شين کي بلئڪ تي کپايو ويندو آھي. پاڪستان ۾ شيون سستيون ملن اھو ممڪن ئي ناھي. ھر ھڪ پنھنجي مرضيءَ مطابق قيمتن تي وڪرو ڪري ٿو. ڇاڪاڻ تہ قانون ٺھيو ئي غريب ۽ بي پھچ ماڻھن لاءِ آھي. پوءِ اسان جا ماروئڙا ماڻھون مينھن جو مزو وٺڻ بجاءِ مليريا جي 104 بخار ۾ پيا تڙپندا آھن ۽ سرڪاري اسپتالن مان سندن جو علاج ٿئي ۽ مفت دوا ملي اھو ٿي ئي نہ ٿو سگھي. پيسا ڪڍو، اُڌارا وٺو، قرض کڻو، پرائيويٽ اسپتالن مان مليريا جو علاج ڪرايو، باقي سرڪاري اسپتال جي آسري ۾ نہ رھو.
رڳو بيماري ئي ناھي پر مينھن ۽ ٿوري ھوا لڳڻ جي ڪري اسان جا مضبوط لڳايل بجليءَ جا ٿنڀا بہ ڪمزور ٿي ڪري پوندا آھن. جن کي ٺيڪ ڪرڻ جي لاءِ توھان کي ڊگھو انتظار ڪرڻو پوندو. مضبوط لڳل ٿنڀا ھوا جو ھڪ جھوٽو بہ برداشت ڪرڻ جي قابل ناھن. موبائل نيٽورڪ تہ ھئين ڪونھي، مينھن وسڻ بعد تہ ائين محسوس ٿيندو آھي تہ سندن جي جائز مقصد لاءِ گھريل دعا قبول ٿي وئي، ھاڻي نيٽورڪ جي لاءِ بہ مٿي نهاريو. شڪايتون ڪرڻ باوجود بہ نتيجو زيرو. شڪايت سان فائدو اھو پوندو آھي تہ ٿيڻ واري ڪم جو بہ آسرو لاھي ڇڏيو. ٻيا ماڻھون مينھن مان مزو وٺندا آھن ۽ اسان آذانون ڏئي، رب جو ذڪر ڪري، درود شريف پڙھي رب کي ٻاڏائيندا آھيون تہ مالڪ رحم ڪر! اسان ۾ ايتري سھپ ناھي. اسان جا اجھا ڪمزور اٿئي. پھريائين اسان جو جھوپڙيون ويران اٿئي. اسان جي گھٽين مان پاڻي ڪڍڻ وارو بہ ڪو بہ نہ اٿئي. اسان جا بند، بئراجون، شاخون ۽ ڪئنال ڪمزور اٿئي. بس رحمان رحيم رحمت جو وسڪارو ڏئي مالڪ رحم ڪجان!
گورنمينٽ کي پھريان کان ٿيندڙ لاپرواهين مان سبق پرائڻ گھرجي ۽ ھن ڏکئي وقت ۾ عوام سان گڏ بيھڻ گھرجي. عوام ھميشه انھن ڏي ئي نھاريو آھي. ھن وقت عوام کي انھن جي مدد ء سھڪار جي سخت ضرورت آھي. شھرن توڙي ڳوٺن وارن لاءِ ھر ھڪ تعلقي ۾ ٽيمون تشڪيل ڏيئي تمام مسئلن جي حل لاءِ اھم ڪردار ادا ڪرڻ گھرجي. ريسڪيو ٽيم جي تعداد کي پڻ وڌايو وڃي. ڳوٺن ۾ پڻ مڇر مار ڦوهاري جي لاءِ قدم کنيا وڃن. گھڻي نقصان ٿيڻ کان عوام کي بچايو وڃي. عوام سان ھر ھڪ ڳالھ ۾ مڪمل سھڪار ڪري کين آٿت ڏيڻ گھرجي تہ اسان جي حڪومت عوام سان گڏ آھي جيڪڏھن ائين نہ ٿيو تہ وري اسان کي ھڪ وڏي نقصان کي منهن ڏيڻو پوندو. سرڪاري آفيسرن کي سندن جي علائقن ۾ مڪمل الرٽ رکيو وڃي تہ جيئن ھڪ وڏي نقصان کان عوام کي بچائي سگھون.