ميجر ثاقب اقبال ڪراچي ۾ ڦر دوران مزاحمت تي قتل

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ڪراچي جي ايم اي جناح روڊ تي ڦورن ميجر ثاقب اقبال کي مزاحمت تي گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو. ميجر ثاقب اقبال اي ٽي ايم مان پئسا ڪڍائي موٽر سائيڪل تي ويهي پيو ته ڦورو پهچي ويا. ميجر وٽ به پسٽل هو ۽ جيئن ئي هن پسٽل ڪڍي ڦورو کي قابو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته موٽر سائيڪل جو تواذن خراب ٿيڻ سبب هو ڪريو ۽ نامعلوم ڦورو کيس گولي هڻي ڀڄي ويا. پوليس سي سي ٽي وي ڦوٽيج هٿ ڪري ورتي ۽ قاتل جي ڳولا شروع ڪري ڇڏي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو