موٽر سائيڪل جي ڦر، مزاحمت تي همراهه مرڻينگ، ڦورو فرار

غوثپور (عبدالنبي ملڪ) جمال ٿاڻي جي حد ۾ ڳوٺ وحدل نندواڻي ڀرسان موٽر سائيڪل تي سوار ٽن اڻ ڄاتل ھٿيار بندن حاجي شيرباز نندواڻي کان موٽر سائيڪل ڦر ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. تنگواڻي لنڪ روڊ تي پيش آيل واقعي ۾ مزاحمت ڪرڻ تي ڦورن کيس فائرنگ ڪري مرڻينگ ڪري ڇڏيو ۽ پاڻ فرار ٿي ويا. واقعي جو اطلاع ملڻ تي حد جي پوليس زخمي کي غوثپور جي اسپتال آندو،  ابتدائي طبي امداد ڏيئي حالت نازڪ ھجڻ سبب کيس لاڙڪاڻي ريفر ڪيو ويو. پوليس واقعي جي اين سي داخل ڪري وڌيڪ جاچ ڪري رھي آھي، ڪابه گرفتاري عمل ۾ نه آئي آھي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو