مورو ۾ عدالتي حڪم تي سخت سيڪورٽي ۾ قبر ڪشائي

مورو(ن س) عدالتي حڪم تي هڪ مهينو اڳ دفنايل لاش جي قبر ڪشائي، پوليس جي سخت پهري ۾ ڊاڪٽرن جزا ورتا. داد واھ وٽ ھڪ مھينو اڳ بيهوشي جي حالت ۾ هڪ پيرسن ڪريم بخش بڙدي روڊ تي پيل نظر آيو هو جنهن جو اطلاع مورو پوليس کي ڏنو ويو هو جيڪا پيرسن کي بيهوشي واري حالت ۾ مورو اسپتال آندو جتان کيس نوابشاھ ريفر ڪيو ويو ۽ جتي هو علاج جي دوران فوت ٿي ويو وارثن موجوب اسان جي همراھ کي نشو ڏئي قتل ڪيو ويو آھي فوت ٿيل پيرسن ڪريم بخش بڙدي جي پٽ جي اهڙي درخواست تي جوڊيشنل مئجسٽريٽ مورو جي نگراني ۾ ڊاڪٽرن جي ٽيم مورو شھر جي وارڊ نمبر يارنھن ۾ درس فقير جي قبرستان ۾ قبر ڪشائي ڪئي وئي ۽ اتان جزا ورتا ويا جڏهن ته مورو پوليس پاران قبرستان جي ايندڙ ويندڙ رستن تي اهلڪار مقرر ڪري ۽ سيڪيورٽي جا انتظام انتهائي سخت ڪري ڇڏيا ان موقعي تي ايس ايڇ او انويسٽيگيشن مورو سڪندر علي چانگ مختصر ٻڌايو ته قبر ڪشائي ڪئي وئي آھي نوابشاھ جي ڊاڪٽرن جي ٽيم پاران لاش جو پوسٽ مارٽم ڪيو پيو وڃي ۽ قبرستان جي چوڌاري اهلڪار مقرر ڪري قبرستان ۾ ايندڙ ماڻھن کي روڪيو پيو وڃي۔

پهنجو تبصرو موڪليو