منهنجي فرشتڻ امان کي عالمي ڏينهن مبارڪ هجي،حانيه عامر

ڪراچي(ويب ڊيسڪ)پاڪستاني ڊراما انڊسٽري جي اداڪارا هانيا عامر مائرن جي عالمي ڏينهن تي منفرد انداز ۾ پنهنجي ماءُ سان محبت جو اظهار ڪرڻ ڌيان جو مرڪز بڻجي ويو. مائرن جي عالمي ڏينهن تي ،خلوص، شفقت، پيار ۽ صبر سان سرشار ماءُ جي رشتي کي خراج عقيدت پيش ڪئي ويندي آهي، ڏينهن کي ملهائڻ جو مقصد ماءُ جي مقدس رشتي جي عظمت ۽ اهميت کي اجاگر ڪرڻ ۽ ماءُ لاءِ احترام ۽ محبت جي جذبن کي هٿي وٺرائڻ آهي. انسٽاگرام تي هانيا عامر هڪ پوسٽ شيئر ڪئي جنهن ۾ هن کي پنهنجي ماءُ سان وقت گذاريندي ڏٺو ويو، جڏهن ته وڊيو ۾ اداڪارا پنهنجي امڙ کي گهر ۾ گهمندي ڦرندي به ڏيکاريو آهي. پوسٽ ڪيپشن ۾ هانيا عامر لکيو ته منهنجي فرشتڻ امان کي عالمي ڏينهن مبارڪ هجي، کيس سدائين لڳندو آهي ته منهنجي جينز خراب آهي. هانيا عامر جي پوسٽ کي ساٿي اداڪارا ڪنزا هاشمي سميت ٻين به ڪيترن ئي پسند ڪندي ريئڪٽ ڪيا.

پهنجو تبصرو موڪليو