ملڪ ۾ ڪورونا وگهي وڌيڪ 150 ماڻهو فوت ٿي ويا

اسلام آباد (رپورٽ الله وسايو گهوٽو) ملڪ ۾ ڪورونا وگهي وڌيڪ 150 ماڻهو فوت ٿي ويا آهن جڏهن ته 5 هزار 480 نوان ڪيس رپورٽ ٿيا آهن، ڪورونا جي مثبت ڪيسز جي شرح 9.61 سيڪڙو آهي، سرڪاري انگ اکرن موجب گذريل 24 ڪلاڪن ۾ 3هزار699 مريض صحتياب به ٿيا آهن، جنهن بعد مجموعي طور تي صحتياب ٿيلن جو انگ 7 لک تائين پهچي ويو، سنڌ ۾ ڪورونا مريضن جو انگ 2لک81هزار385 ٿي ويو ۽ 4هزار629 ماڻهو فوت ٿي چڪا آهن، پنجاب ۾ ڪورونا جي ڪل مريضن جو تعداد 2لک98هزار818 آهي ۽ 8هزار327 ماڻهو وائرس جو شڪار ٿي ويا، جڏهن ته بلوچستان مريضن جو ڪل انگ 22هزار118 آهي ۽ 233 ماڻهو فوت ٿي چڪا آهن،ڪي پي ڪورونا مريضن جو تعداد 1لک16هزار523 آهي ۽ 3هزار238 ماڻهو موت جو شڪار ٿي ويا، جڏهن ته گادي واري شهر اسلام آباد ۾ ڪورونا مريضن جو مجموعي انگ 74هزار640  آهي ۽ 677 مريض فوت ٿي ويا آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو