ملڪ جو هر ٽيون شهري ذهني مرض جو شڪار آهي!

سوات (ڊيسڪ نيوز) دماغي مرضن جي ماهرن چيو آهي ته پاڪستان ۾ رهندڙ هر ٽيون شخص ذهني مرضن جو شڪار آهي جن جي علاج ۽ سارسنڀال لاءِ ترت قدم کڻڻ جي ضرورت آهي. ”پاڪستان سائيڪاٽرسٽ سوسائٽيءَ“ جي انتظام هيٺ 23 هين قومي سائيڪاٽرسٽ ڪانفرنس سوات ۾ منعقد ٿي. جنهن ۾ سڄي ملڪ جي ماهر ڊاڪٽرن شرڪت ڪئي. ماهر ڊاڪٽرن جو چوڻ هيو ته نفسياتي مرضن ۽ انهن جي علامتن کي لڪايو وڃي ٿو جنهن جي ڪري بيماري وڌيڪ وچڙندي رهي ٿي. هن وقت ملڪ ۾ 02 ڪروڙ کان وڌيڪ ماڻهو نفسياتي مرضن جو شڪار آهن. ملڪ ۾ موجود غربت، تشدد، دهشتگرديءَ سبب ڊپريشن عام ٿي ويو آهي. ماهرن جو چوڻ آهي ته پاڪستان ۾ 34 سيڪڙو ماڻهو نفسياتي ۽ ذهني مرضن ۾ جڪڙيل آهن جن جي علاج لاءِ جديد تحقيق ۽ علاج جي طريقن تي ڀاڙڻو پوندو. پاڪستان سائيڪاٽرسٽ سوسائٽيءَ جي صدر ڊاڪٽر محمد اقبال چيو آهي ته ”اسانجي ملڪ ۾ دماغي مرض ان ڪري آهن ڇو ته خاندان اندر مثال طور سوٽ جي سوٽِ سان شادي ٿيڻ ڪري جينيٽڪ ورنيبيلٽيءَ وارو مسئلو وڌندو رهي ٿو ان کان علاوه ٻيو سڀ کان وڏو مسئلو اسانجي ملڪ اندر پريشانيون ڏيندڙ صورتحال آهي جيڪا مهانگائي، امن امان جي خراب صورتحال ۽ معيشت جي خرابين سبب آهي“.  

پهنجو تبصرو موڪليو