ملڪه ترنم نورجهان جي 19هين ورسي ملهائي پئي وڃي

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) تمغه امتياز ۽ پرائيڊ آف پرفارمنس جي حامل فلم انڊسٽري جي معروف گلوڪاره ملڪه ترنم نورجهان جي 19هين ورسي اڄ سڄي ملڪ ۾ ملهائي پئي وڃي. ملڪه ترنم نورجهان 21 سيپٽمبر 1926ع ڌاري قصور ۾ پيدا ٿي ان جو اصل نالو الله وسائي جڏهن ته نورجهان ان جو فلمي نالو هيو. نور پنهنجي فني ڪيريئر جو آغاز 1935 ۾ پنڊ دي ڪڙي سان ڪيو. جڏهن ته پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ هو پنهنجي مڙس شوڪت حسين رضوي سان گڏ ممبئي کان ڪراچي شفٽ ٿي. 1957 ۾ شاندار پرفارمنس سبب نورجهان کي صدارتي ايوارڊ تمغه امتياز ۽ بعد ۾ پرائيڊ آف پرفارمنس سان به نوازيو ويو. 1965 جي جنگ ۾ هن میرے ڈھول سپاہیا، اے وطن کے سجیلے جوانوں، ایہ پتر ہٹاں تے نئی وکدے کان علاوهه او ماهي ڇيل ڇبيلا، رنگ لائيگا شهيدون ڪا لهو سميت بيشمار ملي نغما ڳائي قوم ۽ فوج جي جوش ۽ جذبي ۾ اضافو ڪري ڇڏيو. نورجهان مجموعي طور تي 10 هزار کان وڌيڪ غزل ۽ گيت ڳايا جنهن ۾ ان جو سڀ کان پهرين گانو مجهه سڳ پهلي سي محبت ميري محبوب نه مانگ هيو جنهن ملڪه ترنم کي ڪاميابين جي نئين سفر تي گامزن ڪيو. ملڪه ترنم ڪيترن ئي فلمن ۾ ڪامياب ادڪاري ۽ گلوڪاري جا جوهر ڏيکاريا جنهن ۾ ايماندار، پيام حق، سجني، يملا جٽ، چوهدري، ريڊ سگنل، سسرال، چاندني، بڙي فرياد، خاندان، نادان، دهائي، نوڪر، لال حويلي، دوست، زينت، گائون ڪي گوري، بڙي مان، بهائي جان، انمول گهڙي، دل، همجولي، صوفيه،جادوگر، مرزا صاحبان، انارڪلي، لخت جگر، پاٽي خان، ڇومنتر، نيند، ڪوئل وغيرهه شامل آهن. ياد رهي ته ملڪه ترنم نورجهان 23 ڊسمبر 2000 تي 74 سالن جي عمر ۾ انتقال ڪري وئي. جيتوڻيڪ اڄ هو اسان وٽ موجود ناهي پر ان جا ڳايل غزل ۽ گيت اڄ به عوام جي دلين ۾ سمايل آهن. نورجهان جي مداحن سماجي رابطي جي ويب سائيٽ ٽوئٽر تي ان کي ياد ڪندي ٽوئيٽ ڪندا آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو