ملان،پاڪستان ۽ زوال

طفيل مگسي
اسان جي ملڪ خداد پاڪستان ۾َ سدائين کان هن ڳاله تي ڌيان ڇڪرايو ويندو آھي ته اسان کي ڪيترن ئي مسئلن جو سامهون آھي.اخلاقي ۽ ذمعاشرتي کان وٺي ڪري اقتصادي ۽ معاشي بدحالي ۽ جديد تعليمي ۽ سائنسي زوال اسان جي بدقسمتين ۾ شامل آھن.جن ۾ ڪي مسئلا ته اهڙا آھن ته جيڪي اسان پاڻ پنهنجي لاء پيدا ڪيا ۽ ڪي پاڪ وهند جي ورهانڱي کانپوء يعني برصغير جي ورهاست جي وقت ورثي جي طور تي مليا.ليڪن ان کان به دردناڪ ۽ افسوسناڪ ڳاله اها آھي ته اسان پنهنجي تاريخ کان ڪو سبق حاصل نه ڪيو بلڪ جيڪي شيون اسان ماضيء ۾ ڪيون انهن جو تجربو ناڪام ٿيو يعني اسان انهن مسئلن کي ٻيهر جنم.ڏنو ۽ تسلسل سان انهن کي برقرار رکيو.اهوئي سبب آھي ته اسان ترقي جون منزلون طئي نه ڪري سگهياسين يا ڪجه شعبن ۾ جتي اسان ترقي حاصل ڪئي انهن کي به برقرار رکي نه سگهياسين. بحيثيت قوم اسان جو اهو الميو آھي ته جڏھن به اسان کي ڪو مسئلو پيش اڇي ٿو ته اسان فورن امداد جي لاء اندريون يا ٻاهريون ڪو سهارو تلاش ڪريون ٿا ۽ اسان ڪڏھن به هن ڳاله تي ويچار ئي نه ڪيو ته جن مسئلن جو اسان کي سامهون آھي.اهي ڪهڙن سببن کان پيش اچن ٿا.انهن جا ڪارڻ ڪهڙا آھن ۽ اهي ڪهڙا مسئلا آھن جن جي ڪري اهي مسئلن جو سبب بڻجن ٿا.بلڪ اسان انهن مسئلن جي سڃاڻپ جي بنا ئي انهن جو علاج شروع ڪري ڇڏيون ٿا. جيڪو علاج مسئلن کي وقتي طور تي ته ختم ڪري ٿو.ليڪن مڪمل طور تي ختم ئي نٿو ڪري سگهي. ان کانسواء ھڪ ٻئي ڪلچر جنم ورتو .جيڪو هي ته اسان جي ملڪ ۾ جڏھن به ڪا نئين تحريڪ يا نظريو جنهن جو مقصد معاشرتي تبديلي يا انسانيت جي خدمت.نوجوان نسل ۽ قوم ۾ ڄاڻ وشعور .ڪشادي نظر يا سوچ.جدت پسندي ۽ آزاد خيالي کي واڌارو ڏيڻ ھجي.اهڙين سمورين ڪاوشن ۽ تحريڪن کي غيرفعال بڻايو وڃي ٿو ۽ انهن جي چرپر ڪرڻ کان اڳ ئي گهٽو ڏئي ۽ انهن جو آواز ئي بند ڪيو وڃي ٿو. جيتوڻيڪ اهڙين ڪوششن کي پاڪستان ۾ سمورين مشڪلاتن جو منهن ڏسڻو پوي\پوندو آھي ۽ پنهنجا مقصد حاصل ڪرڻ ۾ ناڪام رهن ٿا.جن جا به ڪي سبب آھن.پهريون اهو ته اسان جو معاشرو شعوري طور تي تنگ نظر ۽ ان قدر زوال پذير آھي ته اهڙين تنظيمن ۽ نظرين کي اسان جي مذھبي ۽ معاشرتي تعليمات جي خلاف سمجهيو وڃي ٿو ۽ ڪنهن به صورت ۾ قبول ڪرڻ جي لاء تيار ناهي ته اهڙين تحريڪن ۽ نظرين کي اسان جي معاشري ۾ واڌ ۽ ويجه ملي.جيتوڻيڪ ٿيئي ائين ٿو ته انهن کي غير ملڪي طاقتن ۽ لادينيت سان ڳنڍيو وڃي ٿو۽ بعد ۾ اها پروپيگنڊه ڪئي وڃي ٿي ته اسان جو معاشرو لادين ۽ تباه وبرباد ٿي ويندو. ٻي ڳاله اها آھي ته اسان جي معاشري ۾َ مذھب ۽ مذھبي تعليمات کي سمجهڻ ۾ سدائين ڪن لاٽار ڪئي ويندي رهي آھي.ان ڪري اسان مذھب ۽ مذھبي پنڊتن کي هڪ ئي هنڌ گڏ ڪري ڇڏيو آھي. مذھبي پنڊتن کي عقل جا اڪابر سمجهي ويٺا آھيون ۽ آنهن جي بيڪار ۽ فرسوده ڳالهين تي عمل ڪندا رهون ٿا.انهن مذھبي پنڊتن.ملن ۽ خطيبن انساني معاشري جي اڪثريت کي ان ريت پنهنجي اثر هيٺ ڪري ڇڏيو آھي ته انسان انهن جي عقيدن ۽ تعليمات کي حق.سچ ۽ فائديمند سمجهي ٿو.يعني سڀ ڪجه انهن کي ئي سمجهيو وڃي ٿو ۽ انهن جي هر ڳاله کي بنا ڪنهن علم و تحقيق جي صدق دل سان تسليم ڪيو وڃي ٿو.ان جي باري ۾ هي به نهايت اهم مسئلو آھي ته اسان مذھب ۽ مذھبي پنڊتن کي گڏ ڪري ڇڏيو آھي.اسان اسلام انهيء کي سمجهون ٿا ته جنهن جي عالم تبليغ ڪن ٿا يعني جيڪي تقريرن يا خطبن ۾ بيان ڪن ٿا.انهيء مسئلي کي اسان عملي ٻولي ۾ شخصيت پرستي سڏيون ٿا. اها ڳاکه ڪنهن حد تائين درست آھي ته پاڪستان ۾ بين الاقوامي طاقتن جي مداخلت رهي آھي.۽ اهو سلسلو اسان جي تاريخ ۾ 75 سالن کان هلندو پيو اچي.ليڪن اها ڳاله به درست ناهي ۽ اسان سمورين تحريڪن ۽ اٿڻ وارن آوازن کي بنا ڪنهن تحقيق جي غيرملڪي ۽ بين الاقوامي مداخلت قرار ڏيون.جيتوڻيڪ اهوئي سبب آھي ته اسان جي قوم ۽ نوجوان نسل ۾ علم و تحقيق.درس و تدريس.مطالعي ۽ ڄاڻ وشعور سان چاه ۽ اھميت ئي ختم ٿي وئي آھي. قوم.اهائي ترقي جون منزلون طئي ڪندي آھي.جنهن جون اوليتون علم و تحقيق سان چاه رکنديون هجن.اسان جي معاشري ۾ جڏھن انهن شين تي ڳاله ڪئي وڃي ٿي ته نهايت ئي تنگ نظري ۽ تنگ دلي سان ڏٺو ۽ ٻڌو وڃي ٿو ۽ انهن مسئلن تي ڪو ڌيان ئي نٿو ڏنو وڃي ته پوء اسان ڪيئن چئي سگهون ٿا ته اسان جي معاشري ۾َڪا تبديلي پيدا ٿيئي.ڇوته بدعنواني ۽ جهالت هڪ خاص درجي تائين پيدا ٿيئي ٿي.ان کانپوء جڏھن اها حد کي ڪراس ڪري وڃي ٿي ته معاشرو تباه و برباد ٿي وڃي ٿو۽ قوم.پستي.بدحالي ۽ انتهائي ناقابل برداشت حالتن جون منهن ڏسي ٿي. جيستائين اسان جي معاشري ۾َ اهي سمورا ڪارڻ موجود آھن.اسان ڪڏھن به پنهنجي مستقبل جي ٿقدير کي نٿا بدلائي دگهون ۽ نه ئي جدت پسندي.علم و تحقيق.ڄاڻ و شعور ۽ درس و تدريس کي پنهنجي معاشرتي قدرن جو درجو ڏئي سگهون ٿا .

پهنجو تبصرو موڪليو