مفت جو وائي فائي اوهان لاءِ خطرناڪ ثابت به ٿي سگهي ٿو

دبئي (ويب ڊيسڪ) متحده عرب امارات جي رياست ابوظهبي جي انتظاميه شهرين کي مفت وائي فائي سروس جي استعمال کان خبردار ڪري ڇڏيو آهي.عرب ميڊيا جي رپورٽ موجب عوامي هنڌن تي مفت وائي فائي انٽرنيٽ سروس استعمال ڪرڻ سان صارفين هيڪرز جي هٿ چڙهي سگهن ٿا. رپورٽ موجب عوامي هنڌن تي مفت انٽرنيٽ جي سروس هونئن ته آساني سان ملندي آهي پر ان جا تمام گهڻا نقصان به هوندا آهن.ابوظهبي جي ڊجيٽل اٿارٽي(اي ڊي ڊي اي) سماجي رابطن جي ويب سائٽ ٽوئٽر تي جاري پنهنجي پيغام ۾ ٻڌايو ته صارفين مفت وائي فائي استعمال کان اڳ وي پي اين جو استعمال ڪن ته جيئن انهن جو ڊيٽا محفوظ رهي سگهي.هن ٻڌايوته سائبر ڏوهه ڪندڙ ماڻهو به اڪثر انهن وائي فائي جو استعمال ڪري رهيا هوندا آهن ته جيئن پنهنجي شڪار کي آساني سان گرفت ۾ آڻي سگهن.

پهنجو تبصرو موڪليو