مفتاح اسماعيل جي ايل اين جي ڪيس ۾ ضمانت منظور

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) مسلم ليگ (ن) جي اڳواڻ مفتاح اسماعيل جي ايل اين جي ڪيس م اسلام آباد هاءِ ڪورٽ هڪ ڪروڙ روپين جي مچلڪن عيوض ضمانت منظور ڪري ڇڏي. چيف جسٽس اطهر من الله ۽ جسٽس ميان گل حسن گل اورنگزيب تي مشتمل بينچ آڏو نيب جي وڪيل ضمانت جي مخالفت ڪئي. عدالت پڇو ته هو ڪيترن ڏينهن کان نيب جي حراست ۾ آهي، وڪيل چيو 49 ڏينهن کان، عدالت پڇوته ڇا جاچ مڪمل ٿي وئي، وڪيل چيو اڃا هلي ٿي. مفتاح جي وڪيل چيو ته نيب جو الزام آهي ته ڪنسلٽنٽ هن مقرر ڪيو جڏهن ته رڪارڊ موجود آهي ته ڪنسلٽنٽ يو ايس ايڊ وارن مقرر ڪيو هو. عدالت پڇيو ته نيب اڃا ڇوٿي کيس حراست ۾ رکڻ چاهي ته وڪيل چيو ايل اين جي ڪيس بابت عبوري چالان پيش ڪيو آهي، جاچ ۾ گهربل آهي ۽ خدشو آهي ته ضمانت بعد هي ٻاهر هليو ويندو. عدالت سندس ضمانت منظور ڪندي چيو ته اوهان جاچ آفيسر کي روزانو فون ڪندا ڪريو. ان کان اڳ نيب پراسيڪيوٽر عدالت کي ٻڌايو ته سيڪريٽري پيٽروليم وعده معاف گواهه ٿي ويو آهي جڏهن ته گواهن کي ڌمڪيون به ملي رهيون آهن. ياد رهي ته 7 آگسٽ تي ضمانت رد ٿيڻ بعد نيب کيس گرفتار ڪيو هو. مفتاح اسماعيل سنڌ جي گورنر عمران اسماعيل جو ڀاءُ آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو