مشيل اوباما بهترين صدر ثابت ٿي سگهي ٿي؛ مهوش حيات

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان جي نامور اداڪاره ۽ تمغه امتياز حاصل ڪندڙ مهوش حيات چيو آهي ته جيڪڏهن اڳوڻي آمريڪي صدر باراڪ اوباما جي گهرواري مشيل اوباما آمريڪي صدر چونڊجي ته هو يقينن ان عهدي لاءِ بهترين ثابت ٿي سگهي ٿي. واضح رهي ته مشيل اوباما تازو سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ٽوئٽر تي هڪ ٽوئيٽ ڪئي هئي جنهن ۾ هن ڇوڪرين جي تعليم کي فروغ ڏيارڻ جي ڳالهه ڪئي هئي. ان ٽوئيٽ ۾ مشيل اوباما لکيو هو ته هو تازو ويٽنام ۽ ملائيشيا جي دوري تي وئي هئي جتي هن ڇوڪرين جي تعليم کي فروغ ڏيارڻ لاءِ فنڊ جمع ڪرڻ جو چيو هو. ان ٽوئيٽ جي جواب ۾ مهوش حيات لکيو آهي ته مان مشيل اوباما ۽ ان جي اوباما فائونڊيشن سان گڏجي ان ٿيندڙ ڪم مان بيحد متاثر آهيان. پاڪستاني اداڪاره وڌيڪ لکيو ته مون کي حيرت آهي ته ڇا هن ايندڙ سال ٿيندڙ چونڊن ۾ حصو وٺڻ جو سوچيو آهي؟ منهنجو خيال آهي ته هو هڪ بهترين صدر ثابت ٿي سگهي ٿي. مهوش حيات پنهنجي ٽوئيٽ ۾ سوال ڪيو ته آمريڪي عوام جو ان باري ۾ ڇا چوڻ آهي؟ واضح رهي ته هن وقت آمريڪا جو صدر ڊونلڊ ٽرمپ آهي جڏهن ته 2020 ۾ نيون صدارتي چونڊون ٿينديون.  

پهنجو تبصرو موڪليو