مسڪ ۽ زڪربرگ پنجري جي جنگ ۾ هڪ ٻئي سان وڙهڻ لاءِ تيار

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ)ميٽا جي سي اي او مارڪ زڪربرگ، ٽيسلا، اسپيس ايڪس ۽ ٽوئيٽر جي مالڪ ايلون مسڪ کان پنجري جي جنگ جي چئلينج کي قبول ڪيو آهي.ايلون مسڪ ٽوئيٽر تي هڪ صارف جي ٽوئيٽ جو جواب ڏيندي بظاهر مذاق ڪندي مارڪ زڪربرگ کي وڙهڻ جو چيلينج ڪيو.هن اهو چيلنج ان وقت ڪيو جڏهن هڪ صارف ٽوئيٽ ڪيو ته ميٽا ٽوئيٽر جهڙي ايپ متعارف ڪرائي رهي آهي.صارف ٽوئيٽر مالڪ کي ٻڌايو ته مارڪ زڪربرگ هاڻي جوگوسٽو جو ماهر بڻجي ويو آهي، جنهن تي ايلون مسڪ چيو ته جيڪڏهن هو تيار آهي ته مان ڪيج ميچ لاءِ تيار آهيان.ٽوئيٽ جو هڪ اسڪرين شاٽ مارڪ زڪربرگ پنهنجي انسٽاگرام اڪائونٽ تي هڪ ڪهاڻي ۾ شيئر ڪيو جنهن جي ڪيپشن سان ”مون کي مقام موڪليو“.ميٽا جي ترجمان موجب انسٽاگرام ڪهاڻي سچ ٻڌائي رهي آهي ۽ هاڻي بال ايلون مسڪ جي ڪورٽ ۾ آهي.ايلون مسڪ مارڪ زڪربرگ جي جواب جو جواب ڏيندي ٽوئيٽ ۾ ”ويگاس آڪٽاگون“ لکيو.

پهنجو تبصرو موڪليو